پَيدا جي سنڌي معنيٰ
خَلقيل، اُپايل. ڄميل، ڄايل. ظاهر. موجود.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Born, created, produced, discovered, invented, obtained.
پَيدا جا بيتن ۾ حوالا
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ،
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]

مُڙِئو سِڄُ مَٿان، پوڃاڙِي پَيدا ٿِي،
سِڄُ مَٽائي ساءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 6 ]

جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو،
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]

پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ،
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]

جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو،
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]

جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ،
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]

لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا،
ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ،
مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان تَنِ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 1 ]

ھِيري ھَٿُ وِڌائِين، ھِيري ھَٿُ کَنيائِين،
اي مُون يا اللهُ ويھِي ساٽِينِ وِچَ ۾،
نَوازِشَ نُورِيءَ جي، آھي تَماچِيءَ تائِين،
گَندَگِيءَ گوشو ڪِئو، عَطرَ اوتَ اوتِئائِين،
اَنڌا مَنڊا آيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،
پَسو جُودُ جُوانَ جو، ڪو ھَنڌُ ڪونَہ مَٽِئائِين،
قِيمَتَ ڪَمِيڻَنِ سين، جِھَڙِي وَٽَ وَٽِئائِين،
پَسو جو پَيدا ٿِئو، جوھَرِي جِئائِين،
موتِي مَڇِيءَ ھَٽَ تي، ڪوڏِنِ جِيئَن ڪَڍئائين،
ماڻِڪَ مِياڻِيءَ ۾، ڇِلُرَنِ جِيئَن ڇَٽِئائِين،
ڏيئِي سونُ سُوالَ ۾، رُپي راندِ ڪِئائِين،
فيروزا فَقِيرَنِ تان، گهوري سَڀَ گهورِئائِين،
پاڻِيَٺِ آڻي پاڻَ سين، لالُون لُٽِئائِين،
اُتي عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُڇَلي اَمُلَ ڏِنائِين.
[ سُر ڪاموڏ، وايون، 3 ]