پَيدا جي سنڌي معنيٰ
خَلقيل، اُپايل. ڄميل، ڄايل. ظاهر. موجود.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Born, created, produced, discovered, invented, obtained.
پَيدا جا بيتن ۾ حوالا
سِسِيءَ ۾ سُرُ راڳُ، واءَ لَڳَندي وَڄِيو،
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
مِٽِي گَڏِي مِٽِيءَ کي، ڏِنو رُوحَ جَوابُ،
آدَمَ کي آوازُ، تِھان پوءِ پَيدا ٿِئو.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 20 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ،
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ،
روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو،
جيڪِي اِمامِنِ سين ٿِئو، سو پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 5 ]
مُڙِئو سِڄُ مَٿان، پوڃاڙِي پَيدا ٿِي،
سِڄُ مَٽائي ساءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 6 ]
سِڄُ مَٽائي ساءُ، اُلَهَڻَ کي اوڏو ٿِئو.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 6 ]
جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو،
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 11 ]
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ،
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، ڳاڙِھائِيءَ جو ڳَچُ،
سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچين ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 2 ]
سامِي چَئِجِ سَچُ، ڪِٿان اَچين ڪاپَڙِي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 2 ]
جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو،
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]
ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي،
سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن ٻوڙي،
گهوٽُ چَڙِهئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايا پيچِرا.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 1 ]
جِئائِين جُڙِئو جَکِرو، تَنھِن مِٽِيءَ ڪونِهي مُلُهہ،
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
اِھَڙو گوھَرُ گُلُ، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 7 ]
لُڏِي آيا لالَ، پاٻُوھي پَيدا ٿِئا،
ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ،
مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان تَنِ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 1 ]
ساڄَنُ اَکِيُون جي کَڻي، ڪوڙيِين ڀانيان ڀالَ،
مُنھِنجي ناھِ مَجالَ، تَہ ڪو ويڻُ وَرايان تَنِ کي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 1 ]
English Meaning
Born, created, produced, discovered, invented, obtained.