پَرو جي سنڌي معنيٰ
سُڌ، خبر. نِشانُ. ڏَسُ، پتو، اهڃاڻ، پسڻ. دنگ، ڇيھ، انت، ڇيڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Idea, consciousness, knowledge, intimation, perception, search, quest.
پَرو جا بيتن ۾ حوالا
موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو،
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو،
مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ ڳَرو،
ٿِيُنِ کيپُ کَرو، گهوٽَ گِهڏِي گهَرِ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 17 ]
لَکَڻَ جٖي لَنڊنِ جا، لوڪُ نَہ چَڱا چوءِ،
پَرو تَنِ کان پوءِ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 18 ]
پَرو تَنِ کان پوءِ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 18 ]
جانۡ جانۡ ناھِ نَصِيبَ ۾، مُومَلَ مَينڌَرو،
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
پُوندوءِ جِمَ پانھِين وَرين، مَنجهان پِرتِ پَرو،
راڻي لَئي مَ رو، ويھُ طَعني سين واڳِجِي.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 19 ]
پِئو جَنِ پَرو، گَنجي ڏُونگَرَ گامَ جو،
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 1 ]
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 1 ]
سُونھَپَ ۾ سَپَ گَهڻا، مُنجَهڻُ ماکِي ھوءِ،
پَرو تَنھِين پوءِ، جو اُجِهي پَئي اُنَ تان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 6 ]
پَرو تَنھِين پوءِ، جو اُجِهي پَئي اُنَ تان.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 6 ]
جِتي عَرشُ نَہ اُڀُ ڪو، زَمِينَ ناھِ ذَرو،
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]
نَڪو چاڙاھو چَنڊَ جو، نَڪو سِڄَ سَرو،
اُتي آديسِيَنِ جو، لَڳو دَنگُ دَڙو،
پَري پِئُنِ پَرو، ناٿُ ڏِٺائُون نانھِن ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 21 ]
چَئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، لِيلان لَکايوءِ،
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]
تو ڀانيو پانھِنجو، تَنھِن جو پَرو ڪو نَہ پِئوءِ،
ڪَونئُروءَ ڪانڌُ سَندوءِ، دَستِ ڪِئو داسَڙو.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 7 ]
اللهَ جِيئَن نالوءِ، تِيئَن مان وَڏو آسِرو،
خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي رُوحَ ۾،
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 1 ]
خاوَندَ تُنھِنجِيءَ کانڌِ جو، پَرو نَہ پاندُ ڪو،
نالو رَبَ سَندوءِ، رَھِيو آھي رُوحَ ۾،
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 1 ]
ڏُونگَرُ نَہ ڏوٿِي، ڏُونگَرُ سُڃُو ڏوٿِيَنِ ري،
پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 14 ]
پُڇان پَرو ٿِي، ڪِ ڏوٿِي ڏُٿِ اَچِڻان؟
[ سُر کاھوڙي، گنجي ٽڪر، پکيان پير، 14 ]
English Meaning
Idea, consciousness, knowledge, intimation, perception, search, quest.