پَرُوڙِجِ جي سنڌي معنيٰ
ڄاڻج، ٻجهج، لھج، سمجهج، پرکج. خبر يا سُڌ رکج، ڄاڻ رکجان، خبر چار حاصل ڪجان
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Know, feel, understand, get, informed
پَرُوڙِجِ جا بيتن ۾ حوالا
تو جَنِي جِي تاتِ، تَنِ پُڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِرِيَنِ جِي.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 13 ]

پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ،
تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 39 ]

گِهڙَڻُ وَھِيڻُو مُون، مِلَڻُ ھَٿِ ميھارَ جي،
سائِرَ سِڪَندِيَنِ جو، تَرسُ پَرُوڙِجِ تُون،
جٖي ھَلَنِ ھوتَنِ ڏُونھِن، تَنِ کي مَڇِنِ واتَ وَرِ پئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 37 ]

رو وِسائي راندِ، پَھَ پَرُوڙِجِ ساٿَ جا،
ھوتَنِ سين ھيڪاندِ، ھُيَئِي ٻَہ ٽي ڏِينھَڙا.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 21 ]

وِھَندَنِ کي ويڪَ ٿِئي، ھُوندَنِ ڪونِهي ھَنڌُ،
مَنْ لَهُ الَموليٰ فَلَهُ الڪُلُ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَنڌُ،
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 9 ]

خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ،
ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ،
آئِي اُنَ جي بابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ یَخْشَوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَیْبِ ، پَرُوڙِجِ پَيغامُ،
خَطِرو لاھي خامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 7 ]

ھِيءُ نَہ آھي ھُنَ ري، ھُو نَہ ھِنِئان ڌارَ،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، پَرُوڙِجِ پَچارَ،
ڪَندا وِيا تَنوارَ، عالِمَ عارِفَ اِھَڙِي.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 10 ]

سي اَحمَدُ سو مُحَّمَدُ، سو عَينُ اللهُ،
وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن حَبلِ الوَرِيدِ ، اِيءُ پَرُوڙِجِ پَساھُ،
جَنھِن جي رُوحَ سُڃاتو راھُ، تَنھِن کي پِرِينءَ ريءَ پَسَڻُ ناھِ ڪِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 16 ]

مَ ڪِي رو مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هارِ،
جِھَڙا اَچَنِ ڏِينھَڙا، تِھَڙا ويٺِي گهارِ،
ڏُکَنِ پُٺِيِءَ سُکَڙا، سِگها ٿِينِ سَنگهارِ،
لَٿا لوھَ لَطِيفُ چئَي، پَرُوڙِجِ پَنوَهارِ،
ٻيڙِيونۡ نيئِي ٻارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِئو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 12 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ،
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]