پاڻُ جي سنڌي معنيٰ
خود، ضمير مشترڪ، ڏائي، تڪبر، خودي، ھٺ، ھستي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Self, in person also, too, even, One's own person
پاڻُ جا بيتن ۾ حوالا
پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ،
ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ،
جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِياڻَ،
ٿِي ھيڪاندِي ھاڻِ، لالَڻَ سان لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 22 ]
ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ،
جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ پَرِياڻَ،
ٿِي ھيڪاندِي ھاڻِ، لالَڻَ سان لَطِيفُ چئَي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 22 ]
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، پاڻُ ڪِيائين پَرِوارُ ،
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چَڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 25 ]
حامِي، ھادِي، ھاشمِي، سَرِدارين سَرِدارُ،
سُنھي صَحابَنِ سَٿَ ۾، مَنجِهہ مَسِجِدِ مڻيادارُ،
چارَئِي چَڱا چؤڌارُ، ھُئا ھيڪاندا حَبِيبَ سين.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 25 ]
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿُ کَڻِي، ٻَنگان لَھِي ٻاڻُ،
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
ماڳھِين مُون مِنھُن ٿِئي، جهولِيءَ وِجهان پاڻُ،
اِنَ پَرِ ساجَنَ ساڻُ، مانَ مُقابِلو مُون ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 8 ]
سَھي جِيئَن سانڌاڻِ، ڌَڪَنِ مَٿي ڌَڪَڙا،
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
وَھِ وِڃايو پاڻُ، ڏي ڏَوائُون ڏُڱِرين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 21 ]
چَڙِهئو چَڪاسِينِ چاھِ، آڳِ ٻَرَندِيءَ آيا،
وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 17 ]
وِھسَنِ واڙي ڦُلَ جِيئَن، مُحبَتِي مَچَ لاءِ،
آڻي پاڻُ اَڙاءِ، کَڻِي کُوري وِچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 17 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، رومِيءَ جِي رِھاڻِ،
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
پھرِين وِڃائَڻُ پاڻُ، پوءِ پَسَڻَ پِرِينءَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 13 ]
جَنِي کي جِئائِين، پِرِيَنِ پاڻُ پَسايو،
اُنِهيِين کي اُئائِين، لِياڪا پائِڻُ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 17 ]
اُنِهيِين کي اُئائِين، لِياڪا پائِڻُ آيا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 17 ]
ڪَرَھو نَہ ڪيڪانُ، پيرين آئوُن نَہ پُڄِڻِي،
جو مُون راتِ رَساڻي پِرِينءَ کي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ،
مُون نَہ وَھِيڻُو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچويان.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 24 ]
جو مُون راتِ رَساڻي پِرِينءَ کي، نيئِي ساجَنَ ساڻُ،
مُون نَہ وَھِيڻُو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچويان.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 24 ]
اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو،
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ،
پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 53 ]
English Meaning
Self, in person also, too, even, One's own person