پارُ جي سنڌي معنيٰ
نشان سڃاڻپ لاءِ، اهِڃاڻ. ڪم، افعال، لڇڻ. عادتون، خصلتون. گُڻ، وصفون. رواج.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A mark, sign, symptom, indication. Habits, customs, disposition.
پارُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي ڪَري جوڙَ جَبارُ،
پاڻِهين وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻِهين اُڪاري آڌارُ،
جَھازُ جَوھَرِيءَ جو، تَنھِن کي ڀَئُہ مَ ڏي ڀَتارُ،
جيڏاھَن مُنھُن مَدِيني جو، سُڄي مُحَّمَدُ موچارُ،
نَنڍا وَڏا مَڪُڙا، سَڀَ پَسَندا پارُ،
سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 24 ]

پُڇَنِ جٖي ميھارَ کي، پُڇي سي ميھارُ،
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ،
تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 39 ]
فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم ، اي پَرُوڙِجِ پارُ،
تُرَھو تَنِي بارُ، عِشقُ جَنِي کي آڪِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 39 ]
ڪِٿي ٿِئو ميھارُ، ڪِٿي ٿو گِهنڊُ گُڙي،
ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،
جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 17 ]
ڪِٿي دونھِين دوسَ جِي، ڪِٿي پَرِيُون پارُ،
جَنھِن مُون سَڀَ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جهوتُون ڏِنيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 17 ]
آڌِيءَ تي اُٿِيان کامِيو مَٿان کَٽَ،
پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ،
سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِيَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 9 ]
پَسو پاڻِيءَ جا ڪِي، مُون سين لاھو لُٽَ ،
سيڻَنِ جي سَھَٽَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِيَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 9 ]
ڪَچو تَہ ڪوھُ، پَڪو نَظَرُ پِرِينءَ جو،
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
ساھَڙُ مُنھِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوھُ،
جَي ڇَٽو جَي ڇوھُ، تَہ پُورِيندِيَسِ پارُ مَڻي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 12 ]
گهَرُ نَہ وَرُ نَہ وَٿُ ڪا، آھيمِ مَنِ ميھارُ،
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
اِنَ اوسِيڙي اُٿِيان، سَنجهي ڪَري سِينگارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، پَسان مان پَرِ ڪَنھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 25 ]
سَڀَيئِي سِينگارَ، مُنڌَ مَرَندي ڇَڏِئا،
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]
ڳَچِيءَ وارِئو ٻانھَڙي، وَھي ساڻُ وَڇارَ،
لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي، سِگهو رَسُ سَھاڙَ،
عِشقَ جي آڌارَ، پارُ سُونھايُمِ پِرِينءَ جو.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 19 ]
اَدا اي ٻانڌِي ٻيٽَنِ وارا، اي ريٽَن وارا ڪِٿي پِرِيَنِ پارُ،
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]
ڪَنڌِيءَ ڪَندُمِ ڪارَڻِي، ساھَڙ ڄامُ سَتارُ،
ساڻِي ٿيندو سِيرَ ۾، مَدَتَ مُون ميھارُ،
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيين، دوسِتَنِ جو دِيدارُ،
ماڻُهُنِ ليکي ميهَڻُو، ساھَڙُ مُون سِينگارُ.
[ سُر سھڻي، وايون، 21 ]
ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، سيڻَنِ ڏيھُ سُڪارِئو،
ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 20 ]
ٻاروچاڻُو پارُ، سَڀوئِي سُواءَ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 20 ]
ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ،
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
English Meaning
A mark, sign, symptom, indication. Habits, customs, disposition.