ٻيئِي جي سنڌي معنيٰ
ٻَئِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Both.
ٻيئِي جا بيتن ۾ حوالا
سَناسِي سيئِي، جي آدَمان اَڳي ھُئا،
اورِيان اورِينِ عامَ سين، پَرِيان پَريئِي،
چوٽا جَنِ جا چيرُئان، ٻيلوتا ٻيئِي،
دُرسُ دَلالَتَ دِينَ جِي، ھَٿان تَنِ ٻيئِي.
تَنِي کي ڏيئِي، بادِ وِڃاءِ مَ بِکِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 2 ]

سَرُ جو سَڃِئو، سَڄَڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئِي،
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
تَنھِن ڪانَ ڪَرنگهَرُ ڪَپِئو، ڦَکَنِ سِينءَ پيھِي،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، پاساڙا ٻيئِي،
ويڄَنِئان ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 4 ]
ٻيڙِياتا ٻيئِي، تو نَہ ڦَٻَندِيُون ڳالِهيُون،
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]
سَڄِيُون راتِيُون سُمَھين، ڀَرُ سُکان ڏيئِي،
سُڀا سَڀَيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 14 ]
مُون کي جَنِي مارِئو، سُڃاتَمِ سيئِي،
پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي،
ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 7 ]
پُنهونءَ پيڪانَ پَڇَنڊِئا، ٻِلَنِ تان ٻيئِي،
ويڄَنَئُون ويئِي، ٿِي وَھِيڻِي سَڄَڻين.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 7 ]
ھَٿَ ٻَڌِي ٻيئِي، پيرين پانڌِيَنِ کي پَوي،
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
سَگهي نَہ ڏيئِي، سُڏِڪَنِ کان سَنِيھو.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 35 ]
اَچي پِئا آٽَ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ،
ڪُرَندا ڪِي پَرُوڙِئو، رَندِ نَہ سي رِڙَھنِ،
ٻيئِي دارَ دَيُون ڪِئو، پيرَتِ تان نَہ پُڇَنِ،
ڌُوڙِ پِريان لَئي ڌارَ ٿِئو، ويچارا وِجَهنِ،
خَبَرَ کاھوڙِيَنِ، آھي لِکَ لاھُوتَ جِي.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 2 ]

جهنگَلِ ھَلِئا سي نَہ ڀُلئا، راھَ ھَلِئا ڦُرجَنِ،
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
اَوَجَهڙِ سي نَہ پَوَنِ، ٻيئِي جَنِي ڇَڏِيُون.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 9 ]
جَهنگُ کامِي پَٽُ ٿِئو، ويئِي چوران لِڪَ،
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
سيڪِڙُو ۽ سِڪَ، ٻيئِي گَڏِئا پاڻَ ۾.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 10 ]
تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ،
ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ،
سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ،
جا ھاجَ ھَٿَنِ ريءَ نَہ ٿِئي، سا ٺُونٺو ٿِي ڪَريجِ،
ھَڪَلَ حَقِيقَتَ جِي، ٻوڙو ٿِي ٻُڌيجِ،
اَنڌو ٿِي پَسِيجِ، مُشاھِدو مَحبُوبَ جو.
[ سُر کاھوڙي، سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار، 16 ]

آءُ پِرِين گهَرِ پيھِي، مِيان چَنيسَرَ، ھارُ ھَٿان مُون ڇڏِئو،
پُڇَنِ لِيلان ھُوءِ ڪَنِ حِيلا، ٻَھران اَچِئو ٻيئِي،
دوسِتُ نِئائُون داسَڙو، ويساھي وَرُ ويھِي،
اَوَڳُڻَ عَيبَ مَٺايُون، مُنھِنجُون ڍولا ڍَڪِ سَڀَيئِي،
تو دَرِ اَچِي داسَڙا، آرَ ڪَرِينديسِ ڪيھِي.
[ سُر ليلا، وايون، 1 ]