ٻانھَن جي سنڌي معنيٰ
بازو، هڪ عضوي جو نالو. ھٿ ۽ ڪلهي جي وچ وارو حصو، چولي، ڪوٽ وغيرہ جو ٻانھن وارو حصو، آستين. آڌار، ٽيڪ. قوت، سَگهہ. وَسُ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Arm, brachium, upper limb or extremity
ٻانھَن جا بيتن ۾ حوالا
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن،
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
جَا ڪَچِي ڪانِي ڪانھَنۡ، سا ٻُڏَ ڪَڍي ٻارِ مان،
يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن،
ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالِهہ اَڳانھَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻانھَن، نَہ تَہ ساڻَنِ وَڃي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 2 ]
يا لنگهائي لَطِيفُ چئَي، يا ڌُرِئا ڪَري دانھَن،
ڪَماحَقَّہٗ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالِهہ اَڳانھَن،
جيڪي ڏي ٻُڏَنِ ٻانھَن، نَہ تَہ ساڻَنِ وَڃي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 2 ]
جانۡ ڪي ڪَنڌِيءَ ڪانھَنۡ، تانۡ تاڻي ٻڌِجِ تُرَھو،
ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن،
سَندِي ڪَپَرَ دانھَن، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 3 ]
ھَٿُ پِريان جي ھَٿَ ۾، ٻي کي ڏِجِ مَ ٻانھَن،
سَندِي ڪَپَرَ دانھَن، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 3 ]
نَہ ڪانِيءَ نَہ ڪانھَنۡ، نَڪو ڏوھُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
اَنگُ اُتي ئِي لِکِئو، جِتِ نَہ رَسي ٻانھَن،
ڪَنھِن کي ڏِيان دانھَن، جِيئَن قَضا قَلَمُ وَھايو.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 20 ]
گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ،
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيَ پِيَ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مان ڳَري، جِيئَڻُ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻانھَن ڳَرا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَنداءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شاھِدَ گُذِرِئا.
[ سُر سارنگ، وايون، 3 ]

آروڙِجِي اُٿِئو، ديِمنِ پيَسِ دانھَن،
پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن،
مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 9 ]
پاٻُوھِيو پيرُ کَڻي، سَمُو سَرَڻَنِ ڏانھَن،
مَٿِئان مَٿي ٻانھَن، اُڀو آڇي سُلطانَ کي.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 9 ]
جَي هُوندَ هِتي هُئِي مارُئِي، تَہ لَڌيَمِ ڪَرَ ڪيڻاسِ،
اَرادا سِئُمِ عُمَرَ کي، ويجهو ٿِي وَٽانسِ،
جَي نَہ ڇَڏِيائِين ڪِ جَهلِيائِين، پَنھِنجو اَنگُ آڇِيانس،
لاهي لوھَ لَطِيفُ چئَي، هِتان هُوندَ هَلانسِ،
موکي مارُوئَنِ سامُهُون، وَٺِي ٻانھَن وَڃانسِ،
رَهَبرُ ٿِي ريڙِهانسِ، سُونھاري ساڻيھَ ڏي.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 8 ]

مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾،
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
جِيئَن سا ڪانِي ڪانھَنۡ، لَهسَندي لاتِيُون ڪَري،
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]
اَچِي اُڀَرِي اوچِتِي، دَردَ پِريان جي دانھَن،
ويڄَ ڏَنڀِين ٿو ٻانھَن، سُورُ ھِنيَين کي سامُهُون.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 26 ]
English Meaning
Arm, brachium, upper limb or extremity