وِڄُ جي سنڌي معنيٰ
کنوڻ ، تجلو، آسماني چمڪاٽ، بجلي، وِڄلي، برق، بجر، دامني.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lightening, a thunder-bolt.
وِڄُ جا بيتن ۾ حوالا
سُتين ڪِھَڙِي سارَ، وِڄُ کِوَندَيِئِي ويسَرا،
تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 11 ]
تو جيڏا تو يارَ، لَھَرِ لَھِوارا ڪِئا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 11 ]
سُتين سَنجهيئِي، وِڄُ کِوَندِيَئِي ويسَرا،
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ، تان اوچِتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 12 ]
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ، تان اوچِتِي.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 12 ]
سڄو صافُ نَہ اُڀِري، سَرلي وِچان سِجُ،
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]
مُنھِن چَڙِهئو ماڻُهنِ کي، ڏي واڌايُون وِڄُ،
ھِينئَڙا کَپُ مَ کِجُ، سِگها مِلَندَءِ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 10 ]
پِرھَ جو پَيدا ٿِئو، سامِي ڪِي سِڄُ،
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
مَٿِسِ رَتو مولِهِيو، جِيئَن سا ڪَڪَرَ وِڄُ،
ڪَنھِين ڊاءِ مَ ڊِڄُ، کَرِيُون ويھِي ڏي خَبَرُون.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 1 ]
ڪِيئَن مَيارُون موڪِليين، مارُنِ ڏانھَن مُٺِي،
ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي،
تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ کانيو.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 23 ]
ڪَتِيُئِي نَہ ڪوڏِ پَئِي، پائُرَ مَنجِهہ پُٺِي،
تو تان وِڄُ اُٺِي، جَنھِن کائُرُ سَڀَ کانيو.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 23 ]
جِتِ ڀُنگا ڀِٽُون ڀَيڻِيُون، تَنھِن کُوڻِ ٿِي کِنواءِ،
سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ،
سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 12 ]
سا وِڄُ پَسِئو وَندُران، مُون رُوندي راتِ وِهاءِ،
سِيليتِنِ سُونھاءِ، مارُو جَو مَلِيرَ جو.
[ سُر مارئي، مُونھان پوءِ ملير، 12 ]
ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري،
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
English Meaning
Lightening, a thunder-bolt.