وَڄاءِ جي سنڌي معنيٰ
آواز ڪڍ، ڌڪ هڻي يا هوا ڏيئي ڪو راڳ جو اوزار هلاءِ. دُهل يا ٻئي ڪنھن ساز تي ڌڪ هڻي سُريلو آواز ڪڍ، گفتگو ۾ اثرائتو ڳالهاءِ. (وڄايو، وڄائيندو، وڄايل).
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Make sound, play a musical instrument. To wield swords etc. in fight.
وَڄاءِ جا بيتن ۾ حوالا
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ،
مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ،
ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي، صَبُرُ جِي سَھاءِ،
تَہ سامِيَڙا سَندِياءِ، گُرَ وَٽِ گِلا نَہ ٿِئي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 5 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪُتا ڪِيمَ بَهاءِ،
مَڙِهيءَ ۾ ماٺِ ڪَري، ويھِي تَندُ وَڄاءِ،
سامِي ساکَ سَندِياءِ، پُورَڀِ ٿِيي پَڌِرِي.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 7 ]