وَڄائي جي سنڌي معنيٰ
واڄو ڪري، آواز ڪڍي، ڌڪ هي يا هوا ڏيڻ سان ڪو راڳ جو اوزار هلائي. دُهل يا ٻئي ڪنھن ساز تي ڌڪ هڻي سُريلو آواز ڪرائي، گفتگو ۾ اثرائتو ڳالهائي. ٻڌائي سڌائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
With sound, play a musical instrument. Wield swords etc. in fight. With announce, after singing., Singing.
وَڄائي جا بيتن ۾ حوالا
گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ،
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ،
جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 18 ]
وَڄائي واٽَ ٿِئا، جوڳِي جُڳاڻين،
ھُئا جٖي ھاڻي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 37 ]
ھُئا جٖي ھاڻي، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 37 ]
سامِيَنِ سَمَرُ سُورَ، گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾،
جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 22 ]
جوڳِيَنِ جَڙِئا جانِ ۾، پَيغامَنِ جا پُورَ،
آديسِي اَسُورَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 22 ]
آسِرو آھي، موٽِي اِيندا، مُون نَہ ڇَڏِيندا پاڻَ پَسَندا،
پَٿَرِ وارَ پِرِينءَ لَيءِ، ويھُ تُون وِڇائي،
ڏُکَ لاھِيندا ڏِيلَ مان، ڳُجهو ڳالَهائي،
ڪالَهہ سَناسِي سِڱِيُون، وِئَڙا وَڄائي،
اِيندا آديسِي وَرِي، دُونھِيُون ڌَڳائي،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ھِيءُ سَڱُ ساڱاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اُو اِھَڙو ئِي آھي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 5 ]

نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي،
جوڳِي جَبَروتان وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 10 ]
جوڳِي جَبَروتان وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 10 ]
لُوٺِيَسِ لانگوٽِيَنِ، ريڳَڙِيارا رَمِئا،
مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ،
ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 30 ]
مُنھِنجو جِيءُ جَلايو، اَندَرُ آديسيَنِ،
ھئَي ھئَي مَنجِهہ ھَٿَنِ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 30 ]
اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،
آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ،
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 7 ]
آديسِي اُٿِي وِئا، پيئِي اُڏامي رَکَ،
سامِي کَڻِي سَنکَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 7 ]
اَڄُ نَہ اوطاقُنِ ۾، طالِبَنِ تَنوارَ،
آسَڻَ مَٿي اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ،
سامِي سَڀَوڪارَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 8 ]
آسَڻَ مَٿي اُنِ جي، نِتُ ٽِمايَمِ نارَ،
سامِي سَڀَوڪارَ، وَڄائي واٽَ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 8 ]
جِتِ ھُئِي ڪانءَ ٻولِي ڪانَہ، اُتِ ھُئا آسَڻَ آڌوتين جا.
وَڄائي واٽَ ٿِئا، ساجَ سِڱِيُون سامان،
اوڏِيءَ مَهلَ حَوا کي، پيئِي ڪَلَ ڪَڻي جِي ڪانہ،
ھُئا جوڳِي ٽِڪَڻَ جا نَہ، ڪَنھِن طَعني ليءِ تِيرَٿِ وِئا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 19 ]