وِرِچِي جي سنڌي معنيٰ
ڪڪ ٿي، بيزار ٿي، ٿڪجي، خفا ٿي ڪري، ڏمرجي، چِڙي، رنج ٿي، ڪلپجي
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Wearied, harassed, angry, annoyed
وِرِچِي جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]

پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين ڌَڪَ ڌُئَن،
ويڄَنِ وِرِچِي ڇَڏِئا، اَڄُ ڪِي ڪالَهہ مَرَنِ،
ڪَنھِن کي ڪِينَ چَوَنِ، تَہ دَردُ اَسان جي دِلِ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 14 ]

جانۡ جانۡ ھُئِي جِيئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي،
وَڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 9 ]

ويھُ مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪَرِ ڪو واڪو وَسُ،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگنِ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسَ، پُوندُءِ ھوتَ پُنهونءَ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 21 ]

وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ، سيڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندو گُنگن گَسُ،
ڏوٿِي ڏِيندا ڏَسُ، توکي ٻاروچَنِ جو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 25 ]
وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ پَرَچي،
مُون کي تَھِين مارِئو، جَتَنِ مُون کي جا چَئِي،
وِندُرَ واٽَڙِيُنِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَھِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چَئِي،
اَمُلَ ڀايان اُنَ کي، ساجَنَ مُون کي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، وايون، 5 ]

دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَہ وِھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي،
سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 10 ]

ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا،
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]