وَرائي جي سنڌي معنيٰ
اٿلائي، اٿلائي پٿلائي، مٿي ڪري، اڀو ڪري، سنئون ڪري، ڦيرائي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Change over, make turn, turn
وَرائي جا بيتن ۾ حوالا
واڍوڙِڪِيءَ مَنَھِينءَ، اَڄُ پُڻ ڪِھَڙي دانھَن،
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
ويڄَ وَرائي ٻانھَن، چوري چاڪَ نِھارِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 16 ]
چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجِ، ويڻَ وَرائي سامُھان،
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
ڪا مَتِ قِيمَتَ جِھَڙِي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجِ،
ويڻُ مَ وَرائيجِ، تَہ سَڀَ سُھاڳِي ٿيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 25 ]
پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي،
ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي،
تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي،
ھُوندَ نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي چِٽائي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 6 ]
ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي،
تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي،
ھُوندَ نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي چِٽائي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 6 ]
واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ،
ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
جُهڙَ وَرائي جهورِيءَ جَهلِئا، طَرف سَندي تَقدِيرَ،
ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون،
جيڪا تقدِيرَ رَبَ جِي لِکئو لوڙِيائُون،
فَرزَندَ عَلِيءَ جا دادُلا، مُون ٿي ڪوڏِ نِپايا،
بِيبيءَ بَتُولَ جَنَتَ خاتُونَ، پَارَ ڪَڍِي ڳِرَ لايا،
فَرزَندَ عَلِي جا دادُلا، چَيو بِيبِيءَ بَتُولَتا،
خُونُ ڇِڪِيندِيَسِ اَوَھان جو، جانِي ڏِينھَن قِيامَتا،
پَسِي سَختِي مِيرَ حُسينَ جِي، رُنُو نَبِيَنِ زارو زارِ،
مَلَکَ فَلَکَ ڌَرَتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اُڇِنگارَ.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 7 ]

ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا،
ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي،
ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي،
ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، اَڃا آسِرو آھي،
واڳُون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرِ تي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 18 ]

وِئا وَرائي جيڏِيُون، مُون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ،
ويٺِي سارِئان سُکَ، ھيڪاندِيءَ ھُئامِ جي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 20 ]
ويٺِي سارِئان سُکَ، ھيڪاندِيءَ ھُئامِ جي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 20 ]
واري وَرائي، تو پَنھِنجا نَہ ڪِئا،
ڀورِي رَنجائي، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتِري.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 19 ]
ڀورِي رَنجائي، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتِري.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 19 ]
اَکِيُنِ ۾ ٿِي ويھُ، تَہ آئُون وَرائي ڍَڪِيان،
توکي نَہ ڏِسي ڏيھُ، آئُون نَہ پَسان ڪِي ٻِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 20 ]
توکي نَہ ڏِسي ڏيھُ، آئُون نَہ پَسان ڪِي ٻِئو.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 20 ]
ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِئَمِ تائِين ٻانگَ،
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]
ڍولِئو ڍَٽِ رَھائِيو، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ،
چانگي چَڙِھي آءُ تُون، لالَ وَرائي لانگَ،
ڪوڙيِين ڀَتين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچيجِ تُون.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 3 ]
ويٺِي تارا تورِيان، نِھارِيان نَکَٽَ،
وَڏِيءَ ڪَنھِن اُگهَٽَ، پِرِين وَرائي جهَلِئا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 8 ]
وَڏِيءَ ڪَنھِن اُگهَٽَ، پِرِين وَرائي جهَلِئا.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 8 ]
English Meaning
Change over, make turn, turn