نِينھَن جي سنڌي معنيٰ
پيار، ڀاءٌ، موھ، الفت، محبت، پريم، عشق، دل، اِڇا، پيتڻو، لاڙو
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Love, affection
نِينھَن جا بيتن ۾ حوالا
مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن،
مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن،
ڇيڙي وِڌِيَسِ ڇَپَرين، ماءِ ٻاروچاڻي نِينھَن نِينھَن،
جا جَڙَ لَڳَڙِي ٻيڙِيين، سا جَڙَ لَڳَڙِي نِينھَن نِينھَن،
مُون کي پِرِين ميڙِيين ، روجَهڙِيُون ميڙيين مِينھَن مِينھَن،
ھوتَنِ جِيءَ ھيڪاندِ لَيءِ، آئُون رُئان راتو ڏِينھَن ڏِينھَن،
مانَ وَسائي مُون ڌَڻِي، ميڙائي جا مِينھَن مِينھَن.
[ سُر حسيني، وايون، 25 ]

ھوتَ نَہ ڀانيُمِ ھِيئَن، مارِي سَڄَڻَ تُنھِنجي نِينھَن،
ڇَڏي تُون ڪو ڇَپَرِ ويندين،
لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن،
جُهونگارِيندي جَهنگَ ۾ ڏوٿِيَنِ ڏِٺَڙي ڏِينھَن،
عِشقَ آرِيءَ ڄامَ جِي، ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن،
وَلِهِيءَ ھِتِ وَسائِيا، ميڙائي جا مِينھَن،
آن جَا ڇَڏِي ڇَپَرين، ڪيچِ رَسَندِي ڪِيئَن.
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مانَ پَھچان سيڻَنِ سِيئن.
[ سُر ديسي، وايون، 1 ]

وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، جانۡ ٿو چَئِين اِيئَن،
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
تانۡ مَڃُ مُحَّمَدُ ڪارَڻِي، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
تان تُون وَڃِئو ڪِيئَن، نائِين سِرُ ٻِئَنِ کي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 2 ]
سُورِيءَ سَڏُ ٿِئو، ڪا ھَلَندِي جيڏِيُون،
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
وَڃَڻُ تَنِ پِئو، نالو نِينھَن ڳِنَھَن جِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 3 ]
پھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون،
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾، واڄَٽَ جِيئَن وَڄاءِ،
سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جَي نالو ڳِيَڙءِ نِينھَن جو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 10 ]
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
ڪوٺي ڪُھي سُپِرِين، ڪوٺي ڪُھَڻَ ساڻُ،
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جي، پاسي ڪَرِ مَ پاڻُ،
ڄُلُ وِڃائي ڄاڻُ، عاشِقَ اَجَلَ سامُهُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 17 ]
جِتي حَبِيبَ ھَڻَنِ، ڀَري نائُڪَ نِينھَن جي،
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
تِتي طَبِيبَنِ، وَڃي وِڄا وِسَرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 9 ]
ڌَڳايومِ ڌَنئِين، ڄيرو اَندَرِ جِندَڙي،
لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين،
مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 12 ]
لَڳِي سِيخَ وُجُودَ ۾، سَندي نِينھَن نَئِين،
مُشاھِدي تَھِين، مُون کي وِڌو مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 12 ]
پُڇُ پَتَنگَنِ کي، سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون،
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
آڻِئو وِجَهنِ آڳِ ۾، جِيءُ پَنھِنجو جٖي،
جيري جَنِي جٖي، لَڳا نيزا نِينھَن جا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 1 ]
English Meaning
Love, affection