مُٺِ جي سنڌي معنيٰ
آڱرين پوريل هٿ، ڀِڪوڙيل هٿ، بند ڪيل هٿ، مُڪَ، مُشتَ. ٺونشو، گؤنشو. اَن جو ڀريل هڪ هٿ، هڪ هٿ ۾ کنيل اَن جو مقدار، چَنگل، چُرون، لَپَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Handle, hilt, fist, handful, the casting grain in sowing. A fist full.
مُٺِ جا بيتن ۾ حوالا
مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ،
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ،
ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 18 ]

مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ،
ڀَرِيُون ڪِئو ڀُڻانِ، وِئا وِھائُو نِڪِري.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 19 ]

پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ،
پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ کان.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 11 ]

طَمَعَ جِي تَنوارَ، مَٿان ڪَرِيين مَڱڻا،
ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪُ ڏيئِي مُٺِ ۾.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 48 ]

پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئيجِ،
سَندا سَنگَتِ ڏِينھَڙا، وَرَ مَ وِساريجِ،
ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگِهي سارَ لَھيجِ،
مُٺِ مانڌاڻي مُڃيجِ، تَہ نِيَرَنِ ۾ نَئُون ڪَرِيان،
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 1 ]

ٿا صَرافَ سُڄَنِ، پاڻُ ڪوٺائِين جَوھَرِي،
ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تَنِ،
تَہ سَندُسِ سَيِّدُ چئَي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪَنِ،
ڪِ پاڻِيَٺُ ئِي پَرِکَن، ڪِ ڪَئِنچَلُ گَڏُيِنِ ڪَچَ سين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 19 ]