مُندَ جي سنڌي معنيٰ
موسم، رُتِ، مُدِ. وقت، زمانو، سمون.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Season, age
مُندَ جا بيتن ۾ حوالا
آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيھَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيھَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 4 ]
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 4 ]
ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
اُٻُون ڪَڪَرَ ڪَنڍَرُون، اُتَرَ ڏي آھِينِ،
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
جُھ آگَمَ ڪَري آيُون، تَہ مُندَ نَہ مَٽائِينِ،
مَٿان لوڪَ لَطِيفُ چئَي، گُوندَرَ گَمائِين،
پَٽين پِيارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِرو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 6 ]
اَڄُ پُڻ اُمِيدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾،
سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيائِي مِينھَن جِي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 16 ]
سانوَڻُ پَسِي سَرَتِيُون، سَڄَڻُ سارِيو مُون،
آئُون آسائِتي آھِيان، مانَ ڀِڄائي ڀُون،
گهَرِ تَہ گُهرِجين تُون، مُندَ مِڙِيائِي مِينھَن جِي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 16 ]
وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ،
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄِئا، آيو جُهڙُ جهاٽِي،
ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي،
ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 18 ]
ھيڪُ اَرِزان اَنُ ٿِئو، ٻِئو مَکَڻُ مَنجِهہ ماٽِي،
ڪَلمي سين ڪاٽِي، لاٿَمِ ڪَسُ قُلُوبَ تان.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 18 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
آئِي مُندَ مَلارَ، اي آئُون کُھِنبا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،
وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا، اَڄُ مُنھِنجي يارَ،
لارَ لَئِيندي وَڇَڙا، ڀِنَسِ ڀَنڀا وارَ،
لَئِي ڪَسُ قُلُوبَ تان، تاڙي ڪِي تَنوارَ،
سَرَھِيُون سَنگهارِيُون ٿِيُون، پُويو پائِينِ ھارَ،
پَکَي ۽ پِرِيَنِ جِي، لَھِجِ سَيِّدُ سارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 4 ]