مَھِراڻَ جي سنڌي معنيٰ
سنڌو ساگر
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The river Indus, a river, the sea.
مَھِراڻَ جا بيتن ۾ حوالا
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
ڪَنزَ قُدُورِي ڪافِيا، پَنا پَڙِهيَمِ پوڄَ،
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
جَڏھِن مَھِراڻَ ڏِنِي مَوجَ، حَرَفُ نَہ گَڏِئو حَرَفَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 24 ]
وَڻِجارا وِھاءِ، وَکَرُ وينَتِنِ جو،
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
مُعلِمَ جي مَھِراڻَ جا، لَنئُن تَنِيِ سين لاءِ،
تَہ اِجارو اُتاءِ، مُورائِين مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 11 ]
مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان،
سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 6 ]
سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ،
جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 6 ]
گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ،
تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ،
لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان،
ڪُنَنِ جِي ڪَشوڪَشَ ۾، جُنبئا ڪي جُوانَ،
موڙي چاڙِھِيائون مَڪُڙا، ڄولي پَنھِنجا ڄاڻَ،
سُبْحَانَڪ اِنِّی اَھل العِجز من مَعْرِفَتڪ ، اِھَڙا جَنِ پَرِياڻَ،
وَڄائي وَڏاَڻ، حَيرَتَ ۾ ھَلِي وِئا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 3 ]

کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
ڪارا ڪُنَ ڪارِي تُڳي، ڪارِيھَرَ ڪَڙَڪا،
مَئي مَتي مَھِراڻَ جا، دُپارا دَڙَڪا،
ويندي ساھَڙَ سامُهُون، ڏِنَسِ جهولَ جَهڙَڪا،
اَچِي پَئِي اُتَھِين، جِتِ سِيرَ سَندا سَڙَڪا،
کَرَڪَنِ جا کَڙَڪا، سُونھان ٿِئَڙَسِ سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 5 ]

گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِيھِين اَٿيئِي،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، پَئُہ ٽَپو ڏيئِي،
ميھارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھِ سين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 4 ]
گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِينهين ڄاڻِجِ ڄاڻُ،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]
آھِين ھِتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَھو تارِ جو،
لَهرِيين لُڙَ لَطِيفُ چئَي، جَهلِئا جُنگَ جُوانَ،
اُونِهي تَڙِ آڳَٽِئا، آڏِي پائي آڻَ،
جٖي پِئا مُنھِن مَھِراڻَ، تَنِ ٻانڌِيَنِ ٻَيٽُ نَہ اُڄَھي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 5 ]