مَھِراڻُ جي سنڌي معنيٰ
سنڌونديءَ جو قديم نالو. (اصطلاح) بحر، ساگر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The river Indus, a river, the sea.
مَھِراڻُ جا بيتن ۾ حوالا
سامُونڊِي ٿو سَنبَھين، ساڄو جَهلِ سُکانُ،
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
لَڳي واءُ وَڏاندَرو، مُنجهائي مَھِراڻُ،
جَنِي ڀانيو پاڻُ، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 4 ]
راتِ اُونداھِي ريءَ گَهڙي، نَہ ڪا سِيڻاھِ ساڻُ،
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
وِجِهي ويرَ مَ نَہ ڪَري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ،
مَحَبتَ کي مَھِراڻُ سُڪِي سَڀَ پَٽُ ٿِئي.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 17 ]
سَوين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِئو مَھِراڻُ،
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
وَھَ وِڃايو پاڻُ، ھَڻي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 17 ]
English Meaning
The river Indus, a river, the sea.