مَحبُوبَنِ جي سنڌي معنيٰ
محبوب، سڄڻ، يار، جي جمع شڪل
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloveds, of beloved
مَحبُوبَنِ جا بيتن ۾ حوالا
يارَ سَڄَڻَ جي فِراقَ، ڙِي جيڏِيُون! آئُون مارِي،
دَرِ دوسَنِ جي ڪَئين جو هُوندا، مُون جيھا مُشتاقُ،
جاٿَي ڪاٿَي مَحبُوبَنِ جِي، آھِ حُسُنَ جِي هاڪَ،
سُرمو سَھِي ڪَرِ اَکِيُنِ جو، خاصُ پِريان جِي خاڪَ،
عَبدِالْلَطِيفُ چي، پِرِين اَسان جو هَميشه حُسناڪَ،
[ سُر يمن ڪلياڻ، وايون، 11 ]

ھئَي ھئَي وَھي ھُوءِ، مَنَ ۾ مَحبُوبَنِ جي،
جيرا جوشَ جَلائِيا، بُڪِنِ، مُڪِي بُوءِ،
اَچِي پَسو رُوءِ، جِي اَئِين ويساھِ نَہ وِسَھو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 2 ]

عاشِقَ اِيئَن نَہ ھُونِ، جيئَن تُون سَڄي اَڱُڙين،
وَڃِي دَرِ دوسِتَنِ جي، رَتُ ڏِھاڙِي رُوُنِ،
ٻِيءَ پَرِ ڪَنھِن نَہ پُونِ، ماڪُرِ مَحبُوبَنِ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 6 ]

جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ رَکُ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، چاڪَ چُٽِڪا چَکُ،
سُورِي ڀانءِ مَ شَڪُ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 7 ]

جَي ھُو پائِينِ ڪانُ ڪَمانَ ۾، تَہ سِينو سِپَرَ ڏيجِ،
مُنھَن ۾ مَحبُوبَنِ جا، جهالُو ٿِي جَهليجِ،
پاھان پَڳَ مَ ڏيجِ، عاشِقُ ٿِيءُ تَہ اُبَھين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 8 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، اَچي پيرَ پئانِ،
سِرَ وَڍَڻُ ڌَڙَ ڌارَ ڌَرَڻُ، اِي سِينگارَ سَندانِ،
ڏِيندا مُون ڏِٺانِ، مَٿا، مَحبُوبَنِ لَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 14 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پُورِ،
مَيا مَحبُوبَنِ جي، ھَلِي وانءُ حُضُورِ،
جي چُڻِڪَن چِتَ ۾، سي ڪِيئَن سَڄَڻَ ڏُورِ،
اللهَ لَڳِ اَسُورِ، اُتائِين ٿِي آءُ تُون.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 2 ]

راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، پِرتِ نَئِين پَنڌُ پَسُ،
مَيا مَحبُوبَنِ ڏي، وَڃَڻَ ڪِجي وَسُ،
راتِين ھَلِي رَسُ، کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 3 ]

چَنڊَ لڳنئِي مَنڊَ، سَنجهيئِي ٿو شِيخَ ٿِئَين،
ڪَرِ اُونداھِي اَنڌَ، تَہ مِلان مَحبُوبَنِ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 26 ]

اَڄُ پُڻ اَکڙِيُون، پييُون پارِ پِرِيَنِ جي،
مُون کي مَحبُوبَنِ جُون چُڻِڪَن مَنجِهہ چَڙِيُون،
جٖي ميھارَ کي مِڙِيُون، سي لَهِرِنِ لوڏِيُون ڪِينَڪِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 26 ]