ماري جي سنڌي معنيٰ
نيست ڪري، اڦٽ تلف ڪري، ڳاري، قتل ڪري، ڪيس ڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kills, murder, terminate.
ماري جا بيتن ۾ حوالا
عُقابِي اَکِيُنِ سين، تِيرَ چَلايا تو،
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]
ٻِئو مَرُ ماري سو، جَنھِن جو پَھرِيون پُورو نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 6 ]
ھُو چونِئِي تُون مَ چَئُہُ، مَنُ ماري ڪَرِ مُوءِ،
ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 19 ]
ڪَڍُ دَغائِي دِلِ مان، ھاگا مان ۽ ھُوءِ،
تَہ آگو سَنجِهہ صُبُوحِ، توھِيکي تَعظِيمَ ڏي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 19 ]
ھُو چُونِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي ويڻُ،
سَڀَنِ سين سَيِّدُ چئَي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،
کانڌِ وَڏوئِي کيڻُ، ڪِيني مان ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 21 ]
سَڀَنِ سين سَيِّدُ چئَي، مَنُ ماري ڪَرِ ميڻُ،
کانڌِ وَڏوئِي کيڻُ، ڪِيني مان ڪِي نَہ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 21 ]
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتان لاھِجِ چورُ،
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]
قَلبَ مان ڪَڍُ تُون، ماري ڪُوڙو ڪورُ،
ھُنَ ڀَرِ سَندو ھورُ، مَٿان تو مَعافُ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 3 ]
سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
اَئِين مُون کي زورِ مَ جَهلِيو وو جيڏِيُون وو،
آئُون ھَلَندِي ھوتَ ڏي ھاءِ ھاءِ،
سُورُ تُنھِنجو سُپِرِين، مَعذُورِ کي ماري،
ھاڻِ نَہ جِيئان جيڏِيُون، آئُون جَا ڪُٺَڙي ڪوھِيارِي،
اُونِهي وِئَڙا اوھَرِي طَرازُون تارَي،
مَرِي رَھَندِيَس ماڳھِين، سامُونڊِي ساري.
[ سُر سامونڊي، وايون، 7 ]

وَڻِجاري وائِي، سَدا آھي سَفَرَ جِي،
آيَلِ اِھائِي، مُون کي ماري ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 9 ]
آيَلِ اِھائِي، مُون کي ماري ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 9 ]
ساوَڻَ گهِڙي سَڀَڪا، ھِيءَ سَرَھِي سِياري،
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
تَنُ وڌائيِن تارِ ۾، اَرواحَ جي آري،
مُحبَتِي ماري، ڪونِهي دادُ دَرياھَ ۾.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 20 ]
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وَڄَئا، ڳورِي پِيُ ساري،
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
وَڏَ ڦُڙو واڪا ڪَري، اُٺو اوتاري،
کَرڪَڻُ ڪَڍي ڇڏِئو، مينهِڙِيَنِ ماري،
ڪَڪَرَ اَڄُ ڪاري، وارو ڏِنو وِڄَڙِيين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 19 ]
English Meaning
Kills, murder, terminate.