لِڱَنِ جي سنڌي معنيٰ
جسم، تَن، جسم جا عضوا، بُت
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Body, organs of body
لِڱَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪانارِئا ڪُڻِڪَن، جَنِي لوھُ لِڱَنِ ۾،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، پِئا لالَ لُڇَنِ،
پاڻِهين ٻَڌنِ پَٽِيُون، پاڻِهين چِڪِئا ڪَنِ،
وَٽان واڍوڙِيَنِ، رَھِي اَچِجي راتِڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 12 ]
جان عاشِقَ مَٿي ماسُ، تان دَعويٰ ڪَري مَ نِينھَن جِي،
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
سائو مُنھُن سُونھَن ڳَئِي، لِڱَنِ ناھِ لِباسُ،
اُڀو پِريان پاسِ، مَٿان سِرَ سودا ڪَري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سِڪ ۽ عاشقي، 7 ]
چَنڊَ چِٽائِي تُنھِنجِي، سَھائِي مُون سُورُ،
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
لايان لالُ لِڱَنِ کي، چَندَنَ ڀَري ٻُورُ،
ڪُوماڻو ڪَپُورُ، مُون واجهائِيندي پِرِينءَ کي.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 24 ]
وِئا اَٿَمِ ھوتَ ھَڻِي، آئُون تَنھِن جَڙَ جَڏِي ڪِي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ جي، ھِنيَين حُبَ گهَڻِي،
سِڙُه ڏيئِي سِيرَ ٿِئا، ڇِنِي تَندُ تَڻِي،
لائِيندِيَيسِ لِڱَنِ کي، سَندِي پِرِينءَ پڻيِ،
وِڌائُون اُتَرَ آسِري، کُوھا ڪالَهہ کَڻِي،
اللهَ ڀَڃُ مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،
وَکَرُ چاڙِھِيو ٻيڙِيين، وَڻِجارَنِ وَڻِي،
اُنِ سين عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ميڙِيندُمِ ڌَڻي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 11 ]

ويٺِي روءِ وَڇُنِ سان، ڳچِيءَ پايو ٻانھَن،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
لايان لالَ لِڱَنِ کي، اَئِين جي چَرو ڪانھَنۡ،
آئُون اَوِھان جِي دانھَن، سَدا ڀُڻان سَنِرِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 16 ]
چاھَڪَ چَرِي تارِ تَرِي، آيُون لُڙُ لِڱَنِ لائي،
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي،
ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ تان.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 31 ]
آندا ڪَؤُنئرَ ڪُنڊِيين، پُورَنِ ۾ پائي،
ميھارُ مَ لاھي، مِھرَ پَنھِنجي مالَ تان.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 31 ]
ھَلَندِي ھاڙھو مَڻِي، سِسِي ڏيِندِيَسِ ساھُ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، پاري نِئُمِ پاھُ،
ڪَندو ٻاجَهہ اللهُ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 3 ]
وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ،
مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ،
کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،
ويسَ لالائِي لِڱَنِ جِي، جهولي جِيءُ جَهڙپِيوسِ،
قُربانِي قَبُولِيوس، باسي مُنڌَ مَوتُ ھَلي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 22 ]

ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان،
چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 17 ]
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان،
چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 17 ]
اَدِيُون ڪا اِيندِي، ڇَپَرُ مُون سَڱُ ٿِئو،
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
لائِيندِيَسِ لِڱَنِ کي، مَلِيران ميندِي،
وِندُرَ آئُون ويندِي، آرِي ڄامُ اَجهو ڪَري.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 19 ]
English Meaning
Body, organs of body