لَهرِيُون جي سنڌي معنيٰ
درياءَ جُون موجون، پاڻيءَ جون جُنبشُون، ڇوليون، لوڏون. آڇارا. تلاطم. موجون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Water waves, tides, impulses.
لَهرِيُون جا بيتن ۾ حوالا
لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ، جِتي اَتُ نَہ آبَ جو،
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
اَلا اُتِ مَ اولِيين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،
جوکو ٿِئي مَ جَڙاوَ کي، ڦَرَھي اَچي مَ ڦيٽَ،
لَڳي ڪامَ لِپيٽَ، شَلَ غَرِيبي غُرابَ کي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 10 ]
ويھُ سي وِساري چَڍا جي چِلُڙَ جا،
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
ڪَرِ ساڃاءِ سَمُنڊَ سين، جو لَکَ لَهرِيُون ڏي.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 10 ]
وَکَرُ وَڻِجارا، پاڻَ پَرائو چاڙِھِيو،
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
اَچِي لَهرِيُون لَڳِيُون، ٻيڙي ٻَپارا،
جاڳو جَي يارا، تَہ تَڙِ تَوائِي نَہ ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، املهہ وکر، 2 ]
مُون ٿي چَيُئِي ڪانڌَ، ڀُتِي ڀاڙِ مَ مَڪُڙِي،
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
سِڙَه پُراڻا پاندَ، لَهرِيُون صَحِي لَڳندِيُون.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 1 ]
ڪَرَ ڳَلُ ڪُوچُ ڪُنَ گَهڻا، جِتِ جَرَ واڳُون جهائِين،
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
پاڻُ اُڇَلي آبَ ۾، وَھَ سِرِ وِڌائِين،
لَهرِيُون لَنگهِيائِين، لُطِفَ ساڻُ، لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 1 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لُڙُ لَهرِيُون لَسَ ليٽَ ،
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]
آڻِيو اوڀارَنِ ۾، ٻانڌِي ٻوڙي ٻيٽَ،
جِتِ چِڪَڻِ جِي چَپيٽَ، اُتِ سَيِّدَ سِيرَ لنگهاءِ تُون.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 12 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا،
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
کَرَڪَنِ ڪِئو کَڙو، مُنھِنجو مَنُ ميھارَ ڏي،
آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 6 ]
آڏو لُڙُ لَطِيفُ چئَي، لَهرِيُون لَسَ لَڙو،
چارِي ٿِيُمِ چَڙو، ٻُرِي ٻيلايَنِ جو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 6 ]
سانڀارا سَڏَ ڪِئو، اُڀا چَونِمِ آءُ،
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ،
آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏَندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 11 ]
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَھي، ٻِئو لُڙُ لَهرِيُون ۽ واءُ،
آڳَھُ جَنِ اللهُ، ٻُجهان سي نَہ ٻُڏَندِيُون.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 11 ]
ھاواڻا ھُلَنِ، ڪَپَرَ ڪارُونڀارَ جا،
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]
لَهرِيُون لُڙَ لَطِيفُ چئَي، ڀيلي تي ڀُلَنِ،
جٖي ڪَچي ساڻُ ڪَھَنِ، آگا تَنِ اوباھيين.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 4 ]
English Meaning
Water waves, tides, impulses.