لوڪان جي سنڌي معنيٰ
ماڻهو، آدم ذات، انسان، انسانذات، خلق، جھان، دنيا، سنسار، مُلڪ، ڏيھ، ديس، زمانو، جڳُ، ڪائنات.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Human being, mankind, men, world, country
لوڪان جا بيتن ۾ حوالا
مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا،
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 13 ]
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 13 ]
مُون مَريِندا لَڪَ يا والِي ڪيچُ نَہ اوڏِيءَ ڇَڪَ،
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
ھي جي ھُو جي،
اَنتُ نَہ ڏِجي عامَ کي، لوڪان ڪِجي لِڪَ،
پاڻَ ۾ پارِيُون ڪَري، نِينھَن وَھائِجي نِڪَ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 8 ]
گهَڻو گهُرِجَنِ ماءِ، اَڄُ گهُرجَنِ ماءِ،
سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِيئَن،
اُوچِيءَ ماڙِيءَ ڏِيو ٻَري، ٻاھَرِ ڦُڙِيءَ ٺَڪاءُ،
آئُون پَنھِنجي پِرِينءَ کي، لوڪان لِڪِي رانِئن،
ڪُونجَ ڪُڻِڪي مورُ جُڻڪي، پَپيھَلَ پِيَ پِيَ ڳاءِ،
سَڄَڻُ آيو مان ڳَري، جِيئَڻُ مُون جُڳاءِ،
ڪيرَ موھِيندي وَلَهو، ڏيئِي ٻانھَن ڳَرا،
ٽِمَنِ نيڻَ رَتُ وَھي، سَوِزَ ھَٿَ سَنداءِ،
اُڀِي اَلِيمِ ايتِرو، ھِتِ ٻَہ شاھِدَ گُذِرِئا.
[ سُر سارنگ، وايون، 3 ]

سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي،
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
نانگا نانِيءَ ھَلِئا، لوڪان ڪَري لِڪَ،
ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 41 ]
ويئِي مُون وِھَڪَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 41 ]
آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
ڍولَ مَ کَڻين ٻانھَڙِي، پِرھَ مَ کَڻين پاندُ،
آئُون پانھِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانِئِيان.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 11 ]
آئُون پانھِنجو ڪانڌُ، لوڪان لِڪِي رانِئِيان.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 11 ]
سَڄَڻَ سَنيُون ڪَنِ، لوڪان ليکي ڏِنگِيُون،
سَندِي سُپَيرِيَن، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 10 ]
سَندِي سُپَيرِيَن، پَرِ پَرُوڙَڻُ ڏاکِڙو.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 10 ]
وَڃِي رَسُ وَڃَڻَ کي، وَڃَڻُ پُڻ وِڃاءِ،
لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِئان پُڻ لِڪيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 8 ]
لوڪان پاڻُ لِڪاءِ، لِڪِئان پُڻ لِڪيجِ تُون.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 8 ]
لوڪان لِڪي سَڀَڪو، لِڪِئان لِڪي ڪونَہ،
اُٿِي ويئِي اونَ، اِنَ اُلٽِيءَ ڳالِهہ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 9 ]
اُٿِي ويئِي اونَ، اِنَ اُلٽِيءَ ڳالِهہ جِي.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 9 ]
English Meaning
Human being, mankind, men, world, country