لاھُوتِيَنِ جي سنڌي معنيٰ
سيلاني فقير، لاھوت لامڪان جي خبر رکندڙَ، عبادت ۾ محو يا غلطانَ، آديسي، الله لوڪ. سينار. سچا عاشق، بي پرواھ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Who absorbed in religious devotion, fakirs, hermits.
لاھُوتِيَنِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاڪِ نَہ جَهلِئا ڪاپَڙِي، موھِئا نَہ مَحلَنِ،
ٻانِهيُنِ ۽ ٻائِنِ جي، ٻَنڌَڻِ ڪِينَ ٻَجهَنِ،
لَکين لاھُوتِيَنِ، اِھَڙِيُون اوري ڇَڏِيُون.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 17 ]

لَکين ڪِئا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 3 ]

آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اوڇِنگارُون اَچَنِ،
آيَلِ آديسِيَنِ جا، مُون کي ماڳَ مُھَنِ،
پاڻان وِڌِيَسِ پَٽَ تي، لاھي لاھُوتِيَنِ،
راڙي مَنجِهہ رَھَنِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 22 ]

آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ،
ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 24 ]

اللهَ ايڪِيھين ڏِينھَن تي، ويراڳِي وارِين،
ڪَڏِھِين اِيندا ڪاپَڙِي، گَنگا گِرنارِي،
لَقا لاھُوتِيَنِ کي، ڪَنھِن ڏُکَ ڏيکارِي،
اِھَڙا آچارِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 21 ]

ڪَلَپَتِي آيا ڙِي ماءَ، آئُون ھَلَندِي اُنِ سين،
حِرصَ ھَوا جِيءَ جَنِ جا، سُکين تان نَہ سَڌايا،
تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇَڏِئا، جٖي ايھِيءَ وِرُونھَن وَڌايا،
توشَڪُون ۽ تَڪِيا، وِھاڻا جَنِ وِرايا،
ھَلو تَہ پَسُون اُنِ کي، جَنِ لُنگَ لاھُوتِيَنِ لايا،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اَڱَڻِ مُون آئِيا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 3 ]

راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]

بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ،
طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِئو پِيَنِ اُڃَ،
لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، مَنُ ماري ڪِئو مُڃَ،
سامِي جهاڳِي سُڃَ، وَسِينءَ کي ويجها ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 1 ]

ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو،
تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو،
لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو،
لَا مَقْصُوْدُ فِيْ الْدَاْرَينِ اِلَاھُوَ ، گَهٽَ ۾ گهاٽُ گهَڙِئو،
جَنِ کي مَنَ ۾ مُحِبُ مِڙِئو، سي گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 4 ]
تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو،
لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو،
لَا مَقْصُوْدُ فِيْ الْدَاْرَينِ اِلَاھُوَ ، گَهٽَ ۾ گهاٽُ گهَڙِئو،
جَنِ کي مَنَ ۾ مُحِبُ مِڙِئو، سي گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 4 ]
English Meaning
Who absorbed in religious devotion, fakirs, hermits.
لاھُوتِيَنِ ٻول جا زمرا