قَرارُ جي سنڌي معنيٰ
آنند، فرحت ڪرڻ، بيھڪ، ٺھر، سُڪون، قيام. ٿانھر، ڌيرج، صبر، تحمل. آرام، فرحت، وسرام، چَينُ، آسائش. ساھي، فرصت. ڊاٻو، ٺِڪاڻو. سُک، آسودگي. آسودائي. انجام، ٻول، قول، وعدو، اقرار، وچن، شرط. ٺاھ، ميل. ڇيھ، دنگ، آخر، انتھا، پڇاڙ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Calmness, peace, rest, consistency
قَرارُ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِي آھِ سِينگارُ، اَصلِ عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
مُڙَڻُ موٽَڻُ ميھَڻو، ٿِئا نِظاري نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ عاشِقَنِ سين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 5 ]
جانِي آيو جُوءِ ۾، ٿِيُمِ قَلبُ قَرارُ،
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
وِچائِين وَھِلو وِئو، لَٿو غَمُ گُسارُ،
نِظارو نِروارُ، پِيَ پَسايُمِ پانھِنجو.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 4 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مِڙيوئِي مَلارُ،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ ڏي، عِشقَ جو آثارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 9 ]
جِيءَ جَڙَ جَنِ سين، سي ٿِئا ھوتَ قَرارُ،
رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 10 ]
رُوئان زاروزارِ، ھاڻي تَنِ پِرِيَنِ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 10 ]
اَڄُ نَہ مَنُ قَرارُ، ڏِٺُمِ سَونچو ساٿَ ۾،
نَھِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيھَ سُپِرِين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 31 ]
نَھِي ويٺا بارُ، مَٿي ساڻيھَ سُپِرِين.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 31 ]
ڪالَهہ قَرِيَنِ لَڏِئو، تان تُون ٿِيءُ تَيارُ،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 14 ]
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ،
پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ نَصِيبُ ٿِئي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 14 ]
مَڻِيو وِجِهي مِٽِيءَ ۾، ھائِيءَ وِجِهِج ھارُ،
سُوڀِي سُکُ سَيِّدُ چئَي، ڪَرِيين ڪوھُ قَرارُ،
راجا رِيساڻُون گهَڻو، سَٽاڻُون سَرِدارُ،
چوڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيھان ڏيھِ ڏَھڪارُ،
ٺاڪُرُ اَکِيُنِ ٺارُ، مَڻِيي تي ٿِي مَٽِيين.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 3 ]

ڪَتي مَٽي آيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانھَن پِرِينءَ پارُ،
ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پورِھئي پِرايو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 39 ]
اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانھَن پِرِينءَ پارُ،
ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پورِھئي پِرايو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 39 ]
English Meaning
Calmness, peace, rest, consistency