قافِلو جي سنڌي معنيٰ
ڪاروان، سرواڻ، ساٿ. زيارتون ڪندڙن جي ٽولي. سڳر، وڳر، ٽولو، جماعت. قطار اُٺن جي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Caravan, body of travellers or traders, a travelling party.
قافِلو جا بيتن ۾ حوالا
ھَمسُون ساٿُ گِيا ھي، ھَمسُون سَيلُ گِيا ھي،
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]
ھَمسُون يارُ گِيا ھي، جو ڪُجُهہ ڪَرِنا ڪَرِ رَھِيا ھي،
ڪَھِي ڪَھِيو قافِلو، زَنڪِ زُودُ بِيا ھي،
مَردُ زَنُ ماتِ ڪِئا، لَکِڻا لوڪُ لِيا ھي.
[ سُر آبڙي، وايون، 2 ]
اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي،
پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ،
چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين، لَڪَنِ ڪِئَڙُسِ لالَ،
ڪيچان آيو قافِلو، مَيَنِ مَٿي مالَ،
اِيندِيَئِي بُوءِ بوتَنِ جِي، جَهلِجِ پَٻَ پِيالَ،
جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِيَنِ جَنجالَ،
پُڇي پيادَنِ کي، آرِياڻِي اَحوالَ،
جي ڀانيَين جَتَنِ جي، ويجهِي ٿِيان وِصالَ،
پُرِي پَٻَ وَرَنِ ۾، وِجِهِجِ ڪا وَڙالَ.
[ سُر معذوري، وايون، 2 ]

سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي،
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 7 ]
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 7 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچارِيءَ رُوءِ،
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
بوتي ۽ بَلوچَ جي، رِڙَھان پَسِئو رُوءِ،
لَنگهي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، تَنَ سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلَبُوءِ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 15 ]
ڪيچان آيو قافِلو، راتِ موچاري رَنگِ،
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ٿِيان ساٿِيَنِ جي سَنگِ، جي مُون نِيئنِ پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 16 ]
ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان،
چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 17 ]
پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان،
چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 17 ]
ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سَندو ڄامُ،
پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ،
ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 18 ]
پَسَندي پُنُوھَ کي، اَکِيُنِ ڪِئو آرامُ،
ناتَرِ چايان نامُ، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 18 ]
ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ،
سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ،
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 20 ]
سينگارِيائُون سَيِّدُ چئَي، ڪَرَھا مَنجهان ڪوڏَ،
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تَنِ جَتَنِ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 20 ]
ڪيچان آيو قافِلو، ساٿَ ڌَڻِي سَرواڻُ،
وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ،
جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 21 ]
وارَ وَڍي وَڳُون ڪَرِيان، پُوئاھانِ پَلاڻَ،
جِھَڙو پُنهون پاڻَ، تِھَڙِي سِٽا ساٿَ جِي.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 21 ]
کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ،
سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ،
آرِيءَ جٖي اِختِيارِ، ڪيچِ پَھتو قافِلو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 13 ]
سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ،
آرِيءَ جٖي اِختِيارِ، ڪيچِ پَھتو قافِلو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 13 ]
English Meaning
Caravan, body of travellers or traders, a travelling party.