قادِرَ جي سنڌي معنيٰ
قدرت وارو، طاقت وارو، زور وار قوي، طاقت رکندڙ. وس رکندڙ، وس وارو. اسم خاص. خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Eternal commander, Master, most powerful.
قادِرَ جا بيتن ۾ حوالا
اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ واٽُنِ تي وارِي،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، بَرَ سُڄَنِ بارِي،
جا مَنزَلُنِ مارِي سا قادِرَ ڪيچِ رَساڻِين.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 14 ]

رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضا،
مَڃِئائُون مَحَبتَ سين قادِرَ جِي قَضا،
رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمْ وَرَضُوا عَنْهُ ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،
ڏيئِي ساھَ سَزا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 10 ]

عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ،
پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ،
وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ،
اَلإِيمَانُ بَيْنَ الْخَوْفِ وَالرَّجَاءِ ، ھَلَنِ اِتِ حَبِيبَ،
ٿِئا قادِرَ سين قَرِيبَ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 18 ]

جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]

لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي،
قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو،
واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 14 ]

ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ،
سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ،
قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 24 ]

پِرِيَنِئُون پوءِ، موٽِي موٽِي نَہ وِھاءِ راتِ،
راھَ رَمَندَڙِي روءِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، قادِرَ ڪوھُ ڏِنوءِ،
چَڙِهئا ڏاڍين ڏُونگَرين، سيڻَنِ سانگُ نَہ ڪوءِ،
اَچي اوراھُون ٿِئي، سَيِّدَ سانگُ سَندوءِ.
[ سُر آسا، وايون، 1 ]

مُون اُڌارِئا مَڇَڙا، اللهَ گهاتُو آڻِ،
مِيان مُدارَنِ سين، مُون کي قادِرَ وِجُهہ مَ ڪاڻِ،
ھَٺَ مُنھِنجي ھاڻِ، پِئو قَدُرُ جَنِ ري.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 13 ]

اَڇو ڪوٽُ عُمَرَ جو، ڏِسِئو ٿِي ڏَران،
هُتِ پوڃاڙِيءَ پَٽَنِ ۾، چانگارِينِ چَڙا،
قادِرَ ڀَڃُ ڪَڙا، تَہ مِلان مارُوئَڙَنِ کي.
[ سُر مارئي، مارئي ملير جي ستي سيل، 10 ]