عِشقُ جي سنڌي معنيٰ
محبت، پريت، پريم، قُرب. چاھ. سِڪَ. سنگت، سُٻَنڌُ. مھرباني. ٻاجهہ. لاڏُ، ڪوڏُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Love, affection
عِشقُ جا بيتن ۾ حوالا
وَھَ تِکَ واھُڙَ تِکَ، جِتِ نِينھُن تِکَ نِرالِي،
جَنِ کي عِشقُ عَمِيقَ جو، سي خِلوَتَ خِيالِي،
وارِيين سي والِي، ھِينئَڙو جَنِي ھَٿِ ڪِئو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 1 ]

مَينُون ماھِي، عِشقُ رانجَهنِ دا،
راتِيان دَردُ ڏِينھان دَرماندِي لوڪان خَبَرَ نَہ ڪائِي،
دارُون ھِنَ دَردَ جو، آھِين تُون اِلاھِي،
مُون کي مَرضَ مارِئو، صاحِبَ ھَٿِ سَگهائِي.
[ سُر ڪلياڻ، وايون، 13 ]

ھِڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اَڌَ،
اِيءَ تان شاعِرَ سَڌَ، ڪِيَئِي جا قَوالَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 1 ]

ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]

ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن،
لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن،
ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ وِصالَ کان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 3 ]

جِيئَن ڄيرو کائي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
اَڃا پِرتِ پَري، ڳالِهہ نَہ ڳالِهيُنِ جِھَڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 4 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، سِرَ جو سانگُ مَ ڪَرِ،
لاھي سِرُ لَطِيفُ چئَي، دوسِتَنِ اَڳِيان ڌَرِ،
عِشقُ نانگُ اَپَرِ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 17 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪُڏِي پَئُہ ڪاھي،
ڇَڏِ سانگو اَرواحَ جو، لاھُوتِي لاھي،
عِشقُ نانگُ آھي، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 18 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ،
ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ،
عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان پَئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 19 ]

عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو،
جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ تَہ اَڌَ ٿِئي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 22 ]