ظاھِرُ جي سنڌي معنيٰ
کُليو کُلايو، ڏسڻ ۾ اچڻ، کليل، پٽيل، اُپٽيل، عَيان، چِٽو، پڌرو، نِروار. آشڪار، مشھور.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Evident, obvious, apparent, clear, open, conspicuous, manifest, visible, plain.
ظاھِرُ جا بيتن ۾ حوالا
صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾،
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ،
وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ ھَڄِي وِئا.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 14 ]
حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، جي ظاھِرُ ڪَرِيان زَبانَ،
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ،
ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ سَڀَ جَلِي وَڃي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 5 ]
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، جيڪَرَ سُورُ سَلانِ،
ٻِي ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَہ، جَبَلُ سَڀَ جَلِي وَڃي.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 5 ]
حَقِيقَتَ ھِنَ حالَ جِي، ظاھِرُ ڪَرِيان ذَرِي،
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي،
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرُ اُڀِري ڪو نَڪو.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 6 ]
لَڳي ماٺِ مِرُنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي،
وَڃَنِ وَڻَ ٻَرِي، اوڀَرُ اُڀِري ڪو نَڪو.
[ سُر ڪوھياري، خودڪلامي، 6 ]
ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، واڄو وِلاتِي،
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]
ھَنئِي تَندُ حُضُورَ ۾، تَنھِن پانَوَ پيراتِي،
ڏِسَندي ڏِياچَ کي، ظاھِرُ ٿِئو ذاتِي،
ڪَڍِي تَنھِن ڪاتِي، وِڌو ڪَرٽَ ڪَپارَ ۾.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 5 ]
بَروئي جِي بانِي، ڪَنھِن کان سِکِيين سُپِرِين،
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]
آڻي ڏِيندَءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪانِي،
حَرَفُ پُڇَندَءِ، ھيڪِڙو، ظاھِرُ زَبانِي،
تَنِي اَڳِئان جانِي، ڪِھَڙِي ڪَرِيندين ڳالِهڙِي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 17 ]
ظييَئُون ظاھِرُ ذَوقَ سين پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا،
ھَلَنِ واٽَ سَماءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙھا،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، پُورَڀَ ۾ پُورا،
هُوَ اللّٰهُ الْوَاحِدُ الْقَهَّارُ ، سامِي مَنجِهہ سُورا،
ٿِي چاڪَنِ سين چُورا، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 17 ]

ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ،
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
ڪوڙيِين ڪِيرَتِئا ھُئا، ڀَتو ڀَتِين ڀانَ،
جَنِ ٿي ڳَڙَھان ٻاھَرِ ڳايو، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
ھِيءُ مَنجِهہ پيٺو مَڱِڻو، اَپَرِ سين اِحسانَ،
اَلتحِياتُ للہِ والصَلَواتُ والطيباتُ ، چَئِي ساراھيائين سُبحانَ،
جِھَڙو ڀَلو ڀانُ، تِھَڙا ڏانَ ڏِياچَ جا.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 12 ]

پَسِئو پَسائي، نُورُ نَبِيءَ جو،
ظاھِرُ ٿِئو زَمِينَ تي، ڏيھَنِ جو ڏِيو،
خاوَندَ خاصُ خَلقِئو، ھِھَڙو ڪونَہ ٻِئو،
ڍَرَندو ڇَٽُ رَسُولَ تي، ڏُوراٺو ڏِسِبو،
باوو بِيبِيءَ فاطِمَه ميڙي ۾ مَلَهَندو.
[ سُر بلاول، وايون، 5 ]