سَچا جي سنڌي معنيٰ
صادق، سچارا. صاف دِل، راست، پورا، کرا، سپتيا. نمڪ حلال، حلالي. سچارا، سَچائتا. نج، خالص، نبارا، بنا کوٽ. ڀروسي جھڙا، انجام جا پورا، قائم، پڪا، پختا، ثابت قدم. عادِل، انصاف پسند.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
True, real, genuine, honest, sincere, faithful, true, constant, fair, just.
سَچا جا بيتن ۾ حوالا
ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]
موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون،
اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ کَٽِيائون،
اُنِهين جِيءَ آئُون، بَرِڪَتَ بارُ لَنگهائِيانۡ.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 4 ]
سَڀَيئِي سَنئينءَ ڪَرِين، ڪومَ مُنجهائِين واٽَ،
سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ،
سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 1 ]
سَھُکِي ڪَرِين سَچا ڌَڻِي سُڄي جا صِراطَ،
سُپيرِيان جي ساٿَ، لَڱو لائُون ميڙِيين.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 1 ]
سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ،
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي،
ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون ڀايان ڀُون،
سَندو جِيئَڻَ آسِرو، مَنان لاٿو مُون.
[ سُر سھڻي، وايون، 2 ]
سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين،
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ھوڏانهَن ھُن ھُلُ ڪِئو، ھيڏانهَن ھِي ھَڻَنِ،
شرِنايُون ۽ سُرندا، ٻِنِهِي پارِ ٻُرَنِ،
اللهَ شهِزادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 13 ]
شرِنايُون ۽ سُرندا، ٻِنِهِي پارِ ٻُرَنِ،
اللهَ شهِزادَنِ، سوڀُون ڏِيين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 13 ]
ڍالَ ڍَڙَڪو ڦاڳَ ڦَڙَڪو ڪُندَ ڪَڙَڪو، مَنجِهي جِتِ مَرَنِ،
مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ،
اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 12 ]
مِصرِيُنِ مُنھَن ڪَڍِئا، ھَڏَ ڪُرڪِرا ڪَنِ،
اللهَ شَهزادَنِ، سوڀُون ڏيِين سَچا ڌَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 12 ]
ڏيرَنِ مُل ڏاڍائِي، يا اِلاھِي، آئُون آسُونھِين اَوَتَڙَ آڏا،
چُوڻُو چُڻَنَ آئِيا، پَکِيَڙا پَرَڏيھِي،
سَوَلِي ڪَرِيين سَچا ڌَڻِي، اَڳِئان اُونداھِي،
آھي اَڀاڳُ اُنِ کي، جَنِي واٽَ وِڃائِي،
ري فَضُلَ رَبَ جي، مُوران ماڙِ نَہ ڪائِي،
آيا مَلَڪَ اللهَ جا، ھئَي ھئَي ڪَندا ھيڪائِي،
آئُون سِنڌِي ھُو عَرَبِي، ڪِيئَن پَرُوڙِبِي وائِي.
[ سُر آسا، وايون، 5 ]

ڪُوڙو تُون ڪُفُرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،
ھِندُو ھَڏِ نَہ آھِين، جَڻِيُو تو نَہ جُڳاءِ،
تِلِڪُ تَنِي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 23 ]