سَيِّدُ جي سنڌي معنيٰ
اسلام ۾ رسول اڪرم (ص) جو اولاد
ذريعو:ڀٽائيپيڊيا
English Meaning
Offspring of Hazrat Muhammad (PBUH)
سَيِّدُ جا بيتن ۾ حوالا
جوڙي جوڙَ جَھانَ جِي، جَڏھِن جوڙِيائِين،
خاوَندُ خاصُ خَلِقي، مُحَّمَدُ مُڪائِين،
ڪَلمُو تَنھِن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائِين،
اَنا مولاڪَ وَ اَنتَ مَحبُوبِي ، اِيءَ اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 27 ]

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ،
وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ،
جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ، تَہ سَھِنگي آھِ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 21 ]

وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]

موکِيءَ مَٺو نَہ گهُرِئا، وِھَ نَہ وِھاٽِئا،
سُرِڪِيءَ لاءِ سَيِّدُ چئَي، اُتي ٿي آٽِئا،
جٖي ڳالِهيُنِ ڳڱاٽِئا، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 27 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، رَڪَنِ ناھي راندِ،
حَبِيبَنِ ھيڪاندِ، سَگَهنِ ٿِيي نَہ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 21 ]

مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، عاشِقَ ٿِيءُ آچامُ،
سَمُھان سَلَ سَيِّدُ چئَي، ڪَندَءِ تِيرَ تَمامُ،
ڪَھِجِ ڪو مَ ڪَلامُ، جِمَ دوسِتَنِئُون دُورِ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 13 ]

عِناتا اِتاھِين، جانِي جَڙي ٻَڌُ،
آھي گهَڻو اَھکو، فَقِيريءَ جو فَندُ،
چَکين تَہ چَرِئو ٿِيين، مَيخاني جو مَندُ،
ڪِينَ ڪَڍَندين ڪَنڌُ، مَنجهان سَڱُ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 12 ]

کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ،
سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ،
ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ نَہ ٿِئي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 37 ]

ڪُڌا تُورا ڪَرَھا، ڇَڏِ لاڻِيءَ جِي لَغارَ،
سَعيو ڪَري سَيِّدُ چئَي، کائِجِ کَٽَڻهارَ،
سُرَھائِيءَ جي سارَ، مَنَ پِرِين ڪَنِهُون پانھِنجو.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 45 ]

لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ،
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]
English Meaning
Offspring of Hazrat Muhammad (PBUH)
سَيِّدُ ٻول جا زمرا