سَنِيھا جي سنڌي معنيٰ
محبت جا پيغام، نياپا، سلام ، سَندِيسا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Messages, love letters, news, memos.
سَنِيھا جا بيتن ۾ حوالا
چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين،
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ،
جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 6 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
ڍولَڻَ دا مَينُون، سَلُوڻي دا مَينُون، اَوڳُڻَ بِيَ ڳُڻَنِ جيھا،
آپُ نَہ آوي لِکُدا جونَھِين، نَڪو سارَ سَنِيھا،
آئُون لِکَندِي ڪيتِرا، اُنِ جا پارَ ايھا،
سَرَه ٿِيندِي سَسُئِي، ڪُٺَلَ کي ڪوھَ ڪيھا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 16 ]
آپُ نَہ آوي لِکُدا جونَھِين، نَڪو سارَ سَنِيھا،
آئُون لِکَندِي ڪيتِرا، اُنِ جا پارَ ايھا،
سَرَه ٿِيندِي سَسُئِي، ڪُٺَلَ کي ڪوھَ ڪيھا.
[ سُر رامڪلي، وايون، 16 ]
ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
ڏائو چَڙِهئو ڏارَ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون،
آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون،
ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 14 ]
آڻِئو آتَڻَ وِچَ ۾، ڏي سَنِيھا سارِيُون،
ماٺِ ڪَرِئو مارِيُون، تَہ ڪَھِيو سُڻِيان ڪانگَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 14 ]
اَچِئو اَچِئو پُونِ، واڪا ڪِئو وَڻَنِ ۾،
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]
سَنِيھا سيڻَنِ جا، چوٽِيءَ چَڙِهئو چُوَنِ،
ڪانگَ نَہ ڪُوڙا ھُونِ، پِريان سَندي پارَ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 22 ]
رَاھُو جا رَھِئامِ، سَنِيھا سَرِيرَ ۾،
ٻِئا دَرَ وِسَرِئامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 11 ]
ٻِئا دَرَ وِسَرِئامِ، ڏِٺي جادَمَ جَکِري.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 11 ]
وَڳَرَ اُڪِيري، سَرُ سارِئو سُورَ چَري،
جُهري جِهڄَندي ڏي، سَنِيھا کي سَڄَڻين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 2 ]
جُهري جِهڄَندي ڏي، سَنِيھا کي سَڄَڻين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 2 ]
English Meaning
Messages, love letters, news, memos.