سَنِرا جي سنڌي معنيٰ
سَرَل. سَنرلا، سڌا، کڙا. وفادار، سچا. خوش، سرھا، سکيا. تندرست، ٺيڪ، توانا، تازا، مضبوط. خوش روءِ، کلمک.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
truthful, wonderful, right, fresh and fine, humorous, happy
سَنِرا جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ مَٿي سيڻَ، ڪِھَڙي ليکي سَنِرا،
جيلاھَ لَڳا نيڻَ، تَہ سُورِيائِي سيڄَ ٿِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 8 ]

ڪَنھِن جَنھِن ڪُٺا ڪاتِ، جِيئَن سامِي مُورِ نَہ سَنِرا،
ڏِينھان ڏُکي ڏِيلَ ۾، سُورُ سَڄِيائِي راتِ،
سَندِي جوڳِيان ذاتِ، جِيجان ھوءِ جَڏارِئُين.
[ سُر رامڪلي، بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام، 1 ]

جِياسُون جوڙَ ٿِي، جوڳِي ڏٺو جاءِ،
تَهِين سَندي ساءِ، سَدا ڀُڻُون سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 20 ]

مَنجِهہ مَحَبتَ مَچُ، ٻَھَرِ ڌَورا ڌُوڙِ سين،
ڇَڏِيائُون ڇِرُ لَھِي، ڪُوڙُ ڪُلَکَڻُ ڪَچُ،
اَوَڳُڻَ اوڏا نَہ وِئا، ڳُڻَ ڪِئائُون ڳَچُ،
جِيئَن سِڪَنِ تِيئَن سَچُ، جِيئَن سَڙَنِ تِيئَن سَنِرا.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 9 ]

جِيئَن اُتَرِڙا اوتِينِ، تِيئَن سامِي گهَڻو سَنِرا،
سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو، اُتَرَ اوٽَ نَہ ڏِينِ،
جِيئَن پارو پَوارا ڪَري، تِيئَن سُمَرِڙِيُون سوِرِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، اُونڌي ڪَنڌِ اورِينِ،
جُهوپا نَہ جوڙِينِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ وِصالَ ۾.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 10 ]

مُسَنِ مُنھَن سَنِرا، کَرِئا گهَڻو کِلَنِ،
سي تان وِسِرِئَنِ، آئِيا جَنِ ڪَمَنِ لَيءِ.
[ سُر ڏھر، نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ، 15 ]

گهورِيندي گهورِ پِئا، اَگهورُ گهورِئائُون،
مَيگَرُ مارِئائُون، مَلاحَنِ مُنھَن سَنِرا.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 16 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ويڙِھِيين وَڳَ وارِينِ،
ڇَڇين ڇيڪارِئو ڇيلِڙا، پَٽين پَھِرائِينِ،
نيڻَ مُنھِنجا اُنِ کي، جَهجهو جَرُ ھارِينِ،
تاڙا تَنوارِينِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 1 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ،
سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ،
اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،
سَتِيءَ جي سَيِّدُ چئَي، ڪا ساڻيھَ مَنجِهہ سَنڀالَ،
لِڱَنِ تان لَطِيفُ چئَي، لوئِي لاھِ مَ لالَ،
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 2 ]

ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، ڍَنگهَرَ ڍارَ رَھَنِ،
پاڻِي پوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکَي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوھَ لَطِيفُ چئَي، ھُوءِ کائُرِ مَنجِهہ کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنِ، مِينھَن وَسَندا موٽُ تُون.
[ سُر مارئي، لوھ نير، مند مارُو، 3 ]