سَندِرو جي سنڌي معنيٰ
چيلهہ کي ٻڌڻ جو ڪپڙو يا پٽو. (ھمٿ ڪرڻ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The tie of the waistcloth.
سَندِرو جا بيتن ۾ حوالا
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھوتُ نَہ گهورِيين ھِتَھِين،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٻاروچو ٻي پارِ،
ٿيءُ سَتِي ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهونءَ سين پارِ،
نائي نيڻَ نِھارِ، تو مَنجِهہ ديرو دوسَ جو.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 10 ]
ڀِيڙي ڀِيڙي ٻَڌُ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 3 ]
ڪيچُ پَراھُون پَنڌُ، مَتان لَڪَنِ سين لَڳِي مَرين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 3 ]
موٽِي ٻَڌُ ٻِھارَ، سُورائِتِي سَندِرو،
ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 4 ]
ڇَپَرُ تُھان ڌارَ، ڪانَہ ڏورِيندِي ڏُکَ سين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 4 ]
ڪَڙِھي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهونءَ جو،
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
سِڪَ ٻَڌائِين سَندِرو، جانِبَ لاءِ جَڙي،
لَڪَنِ سِرِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَڻِيءَ تان نَہ پَڙي، جَي عُمِرِ سَڀَ اِيئَن ڪَري.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 20 ]
اَدِيُون اُٺَ وِئا، مُنھِنجا نِيَرَنِ سُوڌا نِڪِرِي،
ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا،
سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 16 ]
ڪُنجُون ڪُلفَ اُنِ جا، سانڍَڻُ سُورُ ٿِئا،
سَنجهي ھوتَ وِئا، صُبحِ ٻَڌُمِ سَندِرو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 16 ]
ٻَڌِي سُورَنِ سَندِرو، صُبُوحِ ڏُونگَرِ ڏورِئامِ،
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ڪَندي ڪَشالا ڪيچَ ڏي، ويلا وِچِ پِئامِ،
سَوين ساٿَ گَڏِئامِ، پُنهونءَ پارُ نَہ ھِڪِڙو.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 17 ]
ساھي ٻَڌي سَندِرو مَٿي بَرَ بَندِي،
آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي.
مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 18 ]
آھُون لاءِ آرياڻيءَ، وَڃي ڪيچِ ڪَندِي.
مَولا ڪا مَ مَدِي، سُڻِيان ھوتَ بَلوچَ جِي.
[ سُر ديسي، جت، اُٺ ۽ ڌاريا، 18 ]
مُنھان مَھِندِ ٿِئا، سُورَنِ ٻَڌو سَندِرو،
ڏورِ تَہ ڏورِيُون اُنِ کي، وِندُرِ جٖي وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَرَتِيُون، قَضا ھي ڪِئا،
اَڙِيَسِ آرِياڻِيءَ سين، ڪوھُ ڄاڻان ڪِئان،
ڪَندِيَسِ ڪِينَ ٻِئا، ھوتَ مَٽائي اَڳِيان.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 35 ]

کُھِي نَہ کوڙي، پاسو پَٻَ وَرَنِ ۾،
ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 36 ]
ڇورِي نَہ ڇوڙي، سَندو سُورَنِ سَندِرو،
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 36 ]
لانگوٽِي لاھي، وانءُ ويراڳِيَنِ سامُهُون،
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي،
اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 16 ]
ٻَڌُ سُورَنِ جو سَندِرو، مَنجهان سِڪَ ساھي،
اُنِهين وَٽِ آھي، اوڇَڻُ ڳالِهہ اُگهاڙَ جِي.
[ سُر رامڪلي، آديسي ۽ مونا طور سينا، 16 ]
English Meaning
The tie of the waistcloth.