سَلامَتَ جي سنڌي معنيٰ
ھٿيڪو، سانڀيو، بي جوکو، سوگهو، هر بلا کان بچيل، سالم، محفوظ، صحيح سلامت، ثابت، اجوکو، خيرن سان. تندرست، چڱو ڀلو، تازو توانو، سَگهو، نِرويو، چاق. خوش خورم، شادو آباد، سرسبز، تازو، سَرهو، نوبنو. صحيح، ثابت. موجود، حاضر، قائم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Safe, safely. protected from harm/danger, shielded, sheltered, guarded, defended, secure. safe and sound. out of harm's way, all right
سَلامَتَ جا بيتن ۾ حوالا
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ ڪَپَڙَ ڪوٽَ ،
سامُونڊِي مُون گهوٽَ، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 17 ]

سَفَرُ سُکيرونِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين،
چَڙِهئا جو چِتِ ڪَري، پُنُو سُڪا ڄونِ،
تِئان مَ ڀاڳونِ، جِئان مُون ڏيئِي ھَلِئا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 16 ]

وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
ڀورِيءَ جا ڀِري، سيڻَ سَلامَتَ آيا،
تَني کي ڦِرِي کِلِي تَنھِن کِيڪارِيو.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 19 ]
تَني کي ڦِرِي کِلِي تَنھِن کِيڪارِيو.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 19 ]
مينھِيُون ھِنَ ميھارَ جُون، اللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،
ڪُڙِمِيُون، چالُون، ماڻڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،
جي ھِنيَين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 27 ]

اُڀو آڇي اَڇَ، ميھارُ مَلاحَنِ کي،
آئُون پُڻ وِجهان ھَٿَڙا، اَئِين پُڻ وِجهو رَڇَ،
ڪَنڌِيءَ ڪُنَ ڪُڙِڇَ، مَنَ ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا، 5 ]

مُون اَنڌِيءَ ڏي اَڄُ اِيندا، ھوتَ سَلامَتَ سُپِرِين،
سَڱُ نَہ ڪَندا سُکَ سين، سُورَ سَڱِيڻا ٿِيندا،
پَريٽِ نِيندا پاڻَ سين، ڇورِي تان نَہ ڇَڏِيندا،
پَلَئِہ لائي پانھِنجي، نِيءَ کي اُتِ نِيندا،
رَکِي ڳَلُ ڳِلَنِ تي، نِينھَن نِياپو ڏِيندا.
[ سُر آبڙي، وايون، 16 ]

جَي ھُوندَ ڏِٺائُون وو جيڏِيُون، حالُ مُنھِنجو ھِھَڙو جِھَڙو،
سو جي سومِ ڪَنَنِ سين، پَھُ جو ڪِئائُون،
ٻانھُون ٻيلَ نَہ لاھِيان، پُنَهلِ کي آئُون،
چَڙِهي نَہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون،
ھُو جي پَھَڻَ پَٻَ جا، مَڻِيا مُڪائُون،
مُون مُٺِيءَ تي مَنڊئا گُوندَرَ گِلائُون،
ھِينئَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جِيئَن، ڇِڪِيءَ ڇِنائُون،
ھِينئَڙو ڌاڙُھُونءَ گُلَ جِيئَن، ريھي رَتائُون،
ڏُکِيءَ سَندي ڏيجَ ۾، ڏُونگَرَ ڏِنائُون،
ھُونِ سَلامَتَ سُپِرِين، تان گهورِي مَرُ آئُون،
ويندي ڪِيُون وَڻَنِ سين، سَسُئِيءَ سُکائُون،
پُنهون وَٺِي پاڻَ سين، موٽِيَسِ جي آئُون،
ڏِيندِيَسِ شاخَ سَڀَ ڪَنھِن، وَڻِ وَڻِ واچائُون.
[ سُر حسيني، وايون، 1 ]

پَلَيءِ لَڳِي آھِيان، مُون کي ڇَپَرِ تان نَہ ڇَڏيجا ٻاروچا،
پُنهون مُنھِنجو آن سين، اَئِين ساٿَ سَلامَتَ نيجا،
ڇورِي ڇِنِي آھِيان، مُون کي لَنگهَڻُ ڇوڙائيجا،
جوڳِيءَ ڪو ويسُ ڪَري، مُنھِنجِي سِگهَڙِي سارَ لَھيجا،
مُون تان وَڙُ وِڃايو، اَئِين ڪو پَنھِنجو وَڙُ ڪَريجا،
آرِياڻِي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، وَھلَڙِي وَھرَ ڪَريجا.
[ سُر حسيني، وايون، 26 ]

ماءَ وِلائِتي آيا، تَڙَ ٿا تَنوارِينِ،
وايُون وَڻِجارَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِينِ،
کِلِيو کِيڪارِينِ، جَنِي سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 18 ]