ساھَڙُ جي سنڌي معنيٰ
پيارو، دوست، محبوب. (اسم خاص). سھڻيءَ جي عاشق جو نالو، ميھار، ساھِڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of Mehar (Beloved of Suhni), dear, friend, beloved.
ساھَڙُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنڌِيءَ اُڀِيُون ڪيتِريُون، ٿِيُون ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪَنِي سانگو ساھَ جو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائي گهِڙَنِ جٖي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 9 ]

سَھِسين اُڀِيُون سُهڻِيُون، ساھَڙُ ساھَڙُ ڪَنِ،
ڪِنِي پاڻُ پَري ڪِئو، ڪي گهورِيَس ڪِئو گهِڙَنِ،
ساهَڙُ مِليو تَنِ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 10 ]

وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪَري ،
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، سُڻِي سانجِهيءَ ٻانگَ،
سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساھَڙُ سُپِرِين.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 19 ]

ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا،
لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا،
مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي ڪَري.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 11 ]

سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ پُڻ سوئِي،
آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 45 ]

دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ھيبَتَ ھُلاچو،
وِرِڄِي وِيرِنِ وِچَ ۾، ڪاڏي وِئو ڪَچو،
ساھَڙُ ڄامُ سَچو، ساڻِي ٿِيندُم سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 3 ]

گَهرين جٖي گهارِينِ، سي ڪَمِيڻِيُون ڪُوڙِيُون،
وِڃائي وَرِي آيُون، مَحَبتَ جُون مُوڙِيُون،
جٖي سَنجهي سَنڀوُڙِيُون، ساھَڙُ تَنِي سَڏَ ڪَري.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 24 ]

مَري مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلِهو مَ ٿِئي،
وَڇُنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئي مَ وارُ،
ساھَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکي ميھَڻو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 23 ]

سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]

گِهڙِئا سي چَڙِهئا، اِينهين ڄاڻِجِ ڄاڻُ،
مَئي مَتي مَھِراڻَ ۾، وِجُهہ پَلَٽي پاڻُ،
تَہ ساھَڙُ سيڻاھِہ ساڻُ، ساڻِي ٿِييئِي سِيرَ ۾.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 5 ]