ساٿِي جي سنڌي معنيٰ
ساٿ ڏيندڙ، سنگتي، دوست، همراه، يار، شامل، شريڪ، ڀيڙو، ٻيلي، مددگار، ڀرجهلو، رفيق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Comrade, companion, accomplice, assistant.
ساٿِي جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، اولا جَنِي عاجَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ڀَري جُنگَ جَھازَ،
حاصِلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ وَڻِجارَنِ جِي.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 12 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
جِيئَڻُ جَتَ ڌاران، مَعذُورِ جو مَسَ ٿِئي،
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
چانگَنِ سِرِ چَڙِهي وِئا، ساٿِي سَوارا،
اَکِيُون اوتارا، پَسِئو رُونِ پُنهونءَ جا.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 9 ]
ساٿِي پانڌِي اي ڪِبَڙِي ڪيچِ پَچارَ، ڪا مُنھِنجَڙِي،
اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ،
ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ،
اُڀِي پُڇي پَھِيَرا، مُنڌَ سَندا جي ڪوھِيارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 9 ]
اِي ھوتَنِ سان اي دوسَنِ سان ھيڪارَ،
ڪِبَڙِي ڪيچَ پَچارَ،
اُڀِي پُڇي پَھِيَرا، مُنڌَ سَندا جي ڪوھِيارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 9 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾ جَڙِيائُون جُهوڙا،
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
مِنَٿَ مُون مَعذُورِ جِي، مَڃِئائُون نَہ مُوران،
ساٿِي سَنڀوڙا، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 16 ]
آتَڻُ اورانگهي وِئا، اَڱَڻِ مُون اَفسوسُ،
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 24 ]
ديوانِيءَ سين دوسُ، ساٿِي آھي سُڃَ ۾.
[ سُر حسيني، لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ، 24 ]
ڏورِيان ڏورِيان مَ لَھان، ساٿِي ڪالِهُوڻا،
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
لاھي لاڏُوڻا، سَفَرِ ڪَنھِن سانگِ وِئا.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 2 ]
مُون سَڏِيندِي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏَ نَہ ڏِينِ،
وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَہ تَنوارينِ،
ھيڏا ھاڃا ٿِيَنِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 12 ]
وِلهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَہ تَنوارينِ،
ھيڏا ھاڃا ٿِيَنِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 12 ]
ساٿِي نَہ پَسان سي، جٖي ھُئَمِ ھِنيَين ٿُوڻِيُون،
ھاڻي ڪَنِي جٖي، وَڃِئو اَڱَڻِ اُڀِيان.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 13 ]
ھاڻي ڪَنِي جٖي، وَڃِئو اَڱَڻِ اُڀِيان.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 13 ]
English Meaning
Comrade, companion, accomplice, assistant.