جَبَلُ جي سنڌي معنيٰ
ڏونگر، پھاڙ، ٽَڪَرُ، ڪوھ، پربت، روھ، ڇَپَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A hill, mountain.
جَبَلُ جا بيتن ۾ حوالا
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، پاڻِي کَنيُمِ نَہ پاءُ،
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
جَبَلُ جَلِدايُون ڪَري، تِکَ ڏيکاري تاءُ،
لَڳي لُڪَ لَطِيفُ چئَي، مَعذُورِنِ مَٿانءُ،
اُتي آڏو آءُ، جِتِ ھُوندِيَسِ ھوتَ ھيڪَلِي،
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 5 ]
واقُفُ نَہ وَڻِڪارَ جِي، اَڳِئان سَفَرُ سَٽاڻو،
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
آڏا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، جَبَلُ جوراڻو،
پِھرو اُتِ پاڻو، سَوَلو ڪِجِ ساٿَ جو.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 7 ]
اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
ڪوڏَرِ نَہ ڪاتِي، جَنھِن سين ٽَڪَرُ ٽاڪِئان،
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
جيڪو جَبَلُ لَنگهِيان، سو ھيبَتَ جو ھاٿِي،
پِرِيَنِ جا پاتِي، سا جَڙَ جِيئَري نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 8 ]
جَبَلُ ماري جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کي،
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 11 ]
توڻي لَڪَنِ لَکَ، تَہ سَڀَ لَنگَهندِيَسِ سِڪَ سين.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 11 ]
جَبَلُ جيڏو ئِي آڏو آرِيچَنِ کي،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بُرفَتَ بِروھِي،
رِڃُنِ ۾ روئِي، پَسان شالَ پُنهونءَ کي.
[ سُر ديسي، آڏ تراڇا جبل، 12 ]
ڇورِي نِدورِي، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،
آئُون اُنَهنِ ۾ آھِيان، لَنگِهي ۽ لورِي،
لَنگهائِيين لَطِيفُ چئَي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،
آھِيان اَزورِي، تُنھِنجي زورِي جَبَلُ لَنگهِئان.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 23 ]
مَرِدَ جَنھِن ماتُ ڪِئا، سَسُئِي لَنگِهئو سو،
جَبَلُ وَڏو جو، نُوڻِ مِڙيوئِي نِينھَن کي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 17 ]

جَبَلُ ڏي نَہ جَوابُ، اَڳِئان آرِيچَنِ جو،
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
سَندو اَکِيُنِ آبُ، پَھَڻَ ٿو پُرزا ڪَري.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 7 ]
English Meaning
A hill, mountain.