بَندَرَ جي سنڌي معنيٰ
درياءَ يا سمنڊ جي ڪناري تي جھاز، ٻيڙين وغيرہ جي بيھڻ ۽ ماڻهن، مال وغيرہ جي لھڻ چڙهڻ جي جاءِ. درياءَ يا سمنڊ جي ڪناري وارو شھر. ٻيڙين جي سڙه ٻڌڻ جون رسيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A port, town, harbor, quay, landing place. The cords by which a boat’s sail is reefed, the reef of a sail.
بَندَرَ جا بيتن ۾ حوالا
سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ،
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ،
وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،
گهَرِ تَنِي جي کِيرَ، جَنِ لاڳَيدارَ لَنگهائِيا.
[ سُر سريراڳ، اجگر لھرون ۽ جھاز، 10 ]
نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا،
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 7 ]
بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 7 ]
پُران مانَ پُڄان، بَندَرَ مُون دُورِ ٿِئا،
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
نَہ مُون ھَڙَ نَہ ھَنجَ ڪِي، جي ڪِي چَئِي چَڙِھان،
تِيَھِين ڪِجِ، پاتَڻِي، جَنھِن پَرِ پِرِينءَ مِڙان،
ڪارُون تي ڪَرِيان، تو دَرِ اُڀِي ناکُئا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 1 ]
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
مُون بِيٺي ئِي ھَلِئا، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون سُورُ سَندُنِ، مُون مارِيندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 10 ]
بَندَرَ باروبارِ، مُلُ نَہ مَلي وارِيين،
فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 14 ]
فَقيراڻي پارِ، اَمُلَ ڏيِنِ اَتورِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 14 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُوريائُون،
سُتَڙُ سُوٺائُون، اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 16 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون،
آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 17 ]
سَرَتِيُون سامُونڊِيَنِ جُون، ڌَڳِيُون ڌَڄائُون،
آيَلِ تَنِ آئُون، موٽِيو ڪِينَ وِسَهان.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 17 ]
سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا، وَرِيُنِ واءُ اُتَرَ،
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
ٻارَھين ماھِ موٽِئا، وِئا پَروڪِيءَ پَرَ،
سُڃا سامُونڊِيَنِ ري، بازارِيُون بَندَرَ،
کَڻِيو سُورَ سَمَرَ، اَڄُ ڪَنھِن سين اورِيان.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 15 ]
سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،
سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون،
بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون،
لَهرِيُون لَنگِهيائُون، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 15 ]

کُوھا سِڙَه اولِيُون، قَلِمِيُون ڪِيائُون،
پُنِيُون مُدَعائُون کَنڊَ کيڙائُون آيا.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 18 ]