بازُو بَندَ جي سنڌي معنيٰ
ٻانھن ٻڌڻو، ھڪ قسم جو زيور
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bracelet
بازُو بَندَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪالهُون پوءِ پِرِينءَ کي، رُئان مَٿي رَندَ،
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ڇِنِي بازُو بَندَ ،
ھاڻي پُڇان ھَنڌَ، ھاڙِھي ۾ ھوتَنِ جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 5 ]
وِئو ٻاروچو نِڪِرِي، ڇِنِي بازُو بَندَ ،
ھاڻي پُڇان ھَنڌَ، ھاڙِھي ۾ ھوتَنِ جا.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 5 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، ڪِ ڪي بَندَ ٻِئا،
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
مُون کي ڏيھان نِڪِرِيي، ٻَہ ٽي ٿوڪَ ٿِئا،
ھِڪُ مارُو ٿَرِ ٿِئا، ٻِئو عُمَرَ مَنڊِيو مامِرو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 18 ]
آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيهَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
باللہ آھِيان بَندَ ۾ ڌُئان ڪِيئَن ڌَٻَرُ،
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
ويڻَ وَراڻي ناھِ ڪا، سُومَرو سَٻَرُ،
مِيان مَھربانُ ڪَرِيين، اِلاھِي عُمَرُ،
ويڙِھ پَسان سو وَرُ، جيڏانھَن عالَمَ آسِرو.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 3 ]
اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾،
جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ،
پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 11 ]
جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ،
پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ پُڄَنِمِ ڏِينھَڙا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 11 ]
سَکَرَ سيئِي ڏِينھَن، جي مُون گهارِئا بَندَ ۾،
واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن،
نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 12 ]
واجهاڻِيَسِ وِصالَ کي، ٿِيَسِ تَوانِي تِيئَن،
نِيَرَ مُنھِنجو نِينھُن، اُجاري اَڇو ڪِئو.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 12 ]
آئُون بَندِياڻِي بَندَ ۾، مُونھِين پِئو بَندُ،
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ،
مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 19 ]
ماڙِيءَ لَڳُمِ مِيهَڻُون، مُونھِين ڪَڙو ڪَنڌِ،
مَران جَي ھِنَ ھَنڌِ، تَہ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ڏي.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 19 ]
واجهائي وَطَنَ کي، ساري ڏِيان ساھُ،
بُتُ مُنھِنجو بَندَ ۾، قَيدِ مَ ڪَريجاھُ،
پَرَڏيھِياڻِيءَ کي پِرِينءَ ري، ڌارَ مَ ڌَريجاھُ،
ٿَڌِي وَسائيجاھُ ٿَرَنِ جِي، مِٽِي مُئِيءَ مَٿان،
پويون ٿِييمِ پَساھُ، تَہ پُڻ نِجاھُ مَڙُه مَلِيرَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 20 ]

چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، هُرَنِ مَنجِهہ هِنيان،
ڪَڍُ بَندِياڻِي بَندَ مان، موڪَلَ ڏي مِيان،
وَڃِي ڏيھِہ ڏِيان، کِيرُون کَٿيرِنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 9 ]
ڪَڍُ بَندِياڻِي بَندَ مان، موڪَلَ ڏي مِيان،
وَڃِي ڏيھِہ ڏِيان، کِيرُون کَٿيرِنِ کي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 9 ]
English Meaning
Bracelet