بازَ جي سنڌي معنيٰ
شڪاري پکين جي خاص جنس جو نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Falcons, hawks.
بازَ جا بيتن ۾ حوالا
چَنڊَ وِھاڻَيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا مِيرَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 11 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا گهوٽَ،
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
تَنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَرُون، ڪُندَ ڪَٽارا ڪوٽَ،
عَلِيءَ پُٽَ اَموٽَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 12 ]
چَنڊَ وِھاڻِيءَ چَڙِهئا، مَلَ مَدِينا ڄامَ،
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
اُنِ سين طَبَلَ بازَ تَبَروُن، نيزا ۽ نِيشان،
عَلِيءَ پُٽَ اِمامَ، ڪَندا راڙو رُڪ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 13 ]
وَڳَرَ وِچائِين، بازَ جهوري ڪُونجَهڙِي،
ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 6 ]
ٻَچَن اِيئَن ڀانئِين، تَہ آيَلِ اِيندِي واھِري.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 6 ]
وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ،
ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 22 ]
ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 22 ]
کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ کي ڏِجِ مَ ڳَلُ،
تُو ھُماءِ ڏي ھَلُ، شِڪرو ساڻُ کَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 23 ]
تُو ھُماءِ ڏي ھَلُ، شِڪرو ساڻُ کَڻِي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 23 ]
کَڻُ بورائو بازَ کي، ڳِجَهہ جِي ڪِجِ مَ ڳولَ،
ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ،
جو ٻَھُون پاري ٻولَ، سو ھَٿان ڇَڏِ مَ شِڪرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 24 ]
ڊوڙَ جَنھِين ڍُونڍَ ڏي، رِڻَ ۾ وَتي رولَ،
جو ٻَھُون پاري ٻولَ، سو ھَٿان ڇَڏِ مَ شِڪرو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 24 ]
کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ مَ ڳَري لاءِ،
آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو قُوتُ ڪِلابَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 25 ]
آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ،
کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو قُوتُ ڪِلابَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 25 ]
English Meaning
Falcons, hawks.