اَنگَ جي سنڌي معنيٰ
عضوا. جسم، بدن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Body organs, limbs.
اَنگَ جا بيتن ۾ حوالا
چَري نَہ مِصرِيءَ سَنگَ، چَندَنَ جا چُوپا ڪَري،
اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 38 ]
اَکِيُنِ مَٿي اَنگَ، مَيي کي مَجازَ جا.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 38 ]
قَضا قَلَمُ وَھايو، نَہ تَہ آئُون سِياڻِي،
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
پاڻان پَلِئو ڪيتِرو، ڏَمَ ٿي ڏِھاڙِي،
اَڳھَيِن مُنھِنجي اَنگَ ۾، لِکِئو ھو پاڻِي،
تيلاھِين ڄاڻِي، ڪِران ڪُنَنِ وِچَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 21 ]
آگَمَ اِي نَہ اَنگَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو،
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
سيڻَنِ ريءَ سَيِّدُ چئَي، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
سَھِسين ٿِئا سارَنگَ، جانِي آيو جُوءِ ۾.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 3 ]
اَڄُ پُڻ اَنگِئَمِ اَنگَ، ھَٿان حَبِيبَنِ جي،
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
ساجَنَ ريءَ سَرَتِيُون، رُوحَ نَہ رَچَنِ رَنگَ،
جانِي آيو جُوءِ ۾، مَنجهان نِينھَن نِسَنگَ،
جا پَرِ ساٽي سَنگَ، سا پَرِ سُورَنِ سان ٿِي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 29 ]
دَردَ نَہ توکي دَنگِئو، دَردَ نَہ ڏِنَئي دَنگَ،
ڪارِي قَرِيبَنِ جا، کُتَئِي نيڻَ خَتَنگَ،
اَڳَ نَہ پَڙِهيَئِي اَنگَ، سَبَقَ اِنَهِيءَ سُورَ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 27 ]
ڪارِي قَرِيبَنِ جا، کُتَئِي نيڻَ خَتَنگَ،
اَڳَ نَہ پَڙِهيَئِي اَنگَ، سَبَقَ اِنَهِيءَ سُورَ جا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 27 ]
مُومَلَ صَحِي پَسَندا، پَڙِهئا پَنِتَ پِيرَ، راڻا ۽ حَمِيرَ،
راڻا جٖي رَجپُوتَ، مُومَلَ صَحِي پَسَندا،
مَڃي رَضا رَبَ جِي، ھِئان سَڀَ ھَلَندا،
اَصلِ لِکِئو اَنگَ ۾، ٿِيندو تان اَدا،
ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچِي اِيءَ صَدا،
ڪَلمي ساڻُ لَڏائِيين، ھادِي ھِنَ ھَنڌان،
سَھُکِي سَڪِراتِ ڪَرِيين، والِي ويرَ وِداعَ،
اَھُکِيءَ ويرَ اَچيجِ تُون، اُتي اَحمَدا،
مَتان ڇَڏِيين مَڱِڻو، مَھِندان مُرشِدا.
[ سُر راڻو، وايون، 4 ]

آسَڻَ باسَڻَ اُنِ جا، سونا سَڀَ سُرَنگَ،
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
ڪَلاباتُون ڪَپِڙا، اوڍِئائُون سِرِ اَنگَ،
ڀَئِي ۽ ڀَنگُ، لَٿو لوڍِيَڙِنِ کي.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 18 ]
نيڻين نَظَرَ نِينھَن، جَڙَ جِتي جوڙِجَنِ،
ساھُ اُنِين تان صَدقي، اَندَرُ سين عُضوَنِ،
لاھي تَنِ لَطِيفُ چئَي، اَنگَ پُڻ آڇِجَنِ،
قَلبُ قُربانِي ڪَرِيان، مَٿان دِلِ دوسِتَنِ،
ھِنيَين ۽ اَکِيُنِ، ڦاھِي کاڌِي پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر آسا، مجازي مام، 15 ]

وَطَنُ مُون مَلِيرُ، قَضا آندِيَسِ ڪوٽَ ۾،
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾، جُڙِئو ھو زَنجِيرُ،
چانڪ پِيئَندِيَسِ پِرِينءَ سين، پائُرَ جو پَنِيرُ،
ھاڃا ڪِئو حَمِيرُ، باللہ ني ٿو بَندَ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 2 ]
جيڪَرَ ڪِينَ جِيئان، اِنَ جاڙَ مُقابِل جيڏِيُون،
ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان،
ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 10 ]
ڪِھَڙو مُنھُن مَلِيرَ ڏي، کَڻِي نَڪُ نِيان،
ڪَنھِن کي ڏوھُ ڏِيان، جُھ اَصلِ مُنھِنجي اَنگَ ۾.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 10 ]
English Meaning
Body organs, limbs.