ھيٺِ جي سنڌي معنيٰ
تري ۾، هيٺان، زير، هيٺيون (ڀاڱو)، تحت، پست، پَٽ تي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Below, beneath, down, under.
ھيٺِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺِ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِئا،
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙِ وَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِيَمِ تَنِي سين ڏيٺِ موٽَڻُ جَنِي مِيهَڻوُن.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 11 ]
سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
آڻي اُتَرَ ھيٺِ موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِئا،
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
مَتارا تَنھِن ميٺِ، اَچَنِ، سِرَ سَنباھِيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 16 ]
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي رَنگُ،
ڳورِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 1 ]
ڳورِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 1 ]
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي چيتُ،
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]
ڳَورِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِئو پاکَرِيين ھَڻي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، محبت جو ميدان ۽ ڪانُ، 2 ]
ھُنَ تاري ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ مُنھِنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَوڙا ٿِيَنِ نَہ ڪَڏِھِين.
[ سُر کنڀات، نيڻ ۽ تارا، 8 ]
مُون اُڀي تَڙَ ھيٺِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ چوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 6 ]
ڪا مُونھِين ۾ ڏيٺِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 6 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ جايون جانارَنِ،
نَڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نَہ مَلاحَنِ،
دَرَندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِئو وَرَنِ،
وَڏا ٻيڙا ٻارَ ۾، ھَلِئا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرِزو پَيدا نَہ ٿِئي، ڪو تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جَو قَھَرُ ڪُنَ ۾، وِئا سي نَہ وَرَنِ،
اُتي اَتارُنِ، اَچِي ساھَڙَ سِيرَ لنگِهائِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 15 ]

پاڪَ جَنِي جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نَہ ھيرُئان،
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]
ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ،
ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ لايا.
[ سُر ڪيڏارو، وايون، 6 ]
ڪَھان تان ڪيچان پَري، سُمَهان تان سِرَ ھيٺِ،
ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون جيھِي پَرِ ٿِي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 2 ]
ٻاروچي سين ڏيٺِ، جيڏِيُون جيھِي پَرِ ٿِي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 2 ]
English Meaning
Below, beneath, down, under.