ڳُجُهہ جي سنڌي معنيٰ
لڪل ڳالهہ، راز، ڀيدُ، منجهہ، انت، اندر، مام.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Puzzle, riddle, secret, mystery, trace, clue.
ڳُجُهہ جا بيتن ۾ حوالا
حَياتِيءَ ھيڪاندِ، ڌَڻِي ڪَرِيندين ڪَڏِھِين،
مَنَ ۾ مُشتاقَنِ جي، ڪِي رَنجائي راندِ،
پِرِين ڏيساندَرَ پاندِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر کنڀات، چنڊ، 12 ]

سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ پُڻ سوئِي،
آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 45 ]

ڳُجُهہ پانھِنجي ڳُجَهہ کي، رِندَ رَساڻي لاءِ،
اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 22 ]
اَجَلُ اُڀو آھِ، پُٺِيءَ تو پَلاڻِئو.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 22 ]
ٽي ڏِينھِن ٽَمَڪائِينِ، دُونھِيُون دائِرَنِ ۾،
ميڙِئو ڪَڻِڄَ ڪاٺِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
سَندِيُون کامَڻَ خَبَرُون، آديسِيَنِ آھِينِ،
ڳُجُهہ نَہ ڳالَهائِينِ، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 3 ]

جوڳِيَنِ جوڳُ جُڳاءِ، جوڳُ پُڻ سُونھين جوڳِيين،
جوڳِيان سَندِيءَ جانِ ۾، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرُ آھِ،
ھاءِ مُونھِين کي واءِ، جَا آئُون جوڳُ نَہ سِکِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 7 ]

مَنجِهہ ڪَٻَرُنِ ھُلُ، ٻَھران لقمَن چَمِڙا،
نَہ لاکو نَہ ڦُلُ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 2 ]

ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا،
ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين،
ماڻِڪَ موتِي مالَ خَزانا، ڏِيندُءِ ٻيلِي سائِين،
وِرِچِي تُون وِھاڳَ کان، مَتان ڏيِين پانھِين،
دَرِ داتا مَڱُ مَڱَتا، اَنڌا ھوئِجِ ايڏھِين،
مُذَڪِرَ مَتان ڇَڏِيين، ھَٿان ھيڪِڙائِي،
اَچِجِ اُلُوھيَتَ ڏي، ڇَڏِ ٻارِٽَ ٻِيائِي،
ٻِيُون ڏيئِي ٻَنِ کي، کَڻُ سَمُو سَوائِي،
إنَّ اللهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الوِتْرَ ، وَحدَتَ واڳَ وِڌائِين،
پَنھِنجي طَرَفِ پاڻِهين، سائِلَ سَڏِئائِين،
جِتي جُوانَنِ کي، ڪوٺي ڪُٺائين،
اُتي عُشاقَنِ کي، اُلُفَتَ اُھُڃُ ڏِنائِين،
تَنبُو کَڻُ مَ تيڏانھِين، جيفو آھِ جيڏانھِين،
ڪِيرَتِ ڪَرِ قُرِبَ سين، خُلَتَ کاڄُ ڏِنائِين،
اَلْاِنْسَانُ سِرِّی وَاَنَا سِرُّهٗ ، اِنَ پَرِ اُتائِين،
ڳُجُهہ ڳُجهاندَرَ ڳالِهيُون، رازُ نَہ رَکِئائِين،
پَسو پينارَن جي پَٽَ ۾، پَنھِنجو پاڻُ وِڌائين.
[ سُر جاجڪاڻي، وايون، 1 ]

وَڻَ جِيئَن وِرِھَ وَڌَنِ، شاخُون ڪِئو سَرِيرَ ۾،
سَڄَڻَ مُون نَہ مِلَنِ، ڳُجُهہ ڳَرَھِيان ڪَنِ سين.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 15 ]

سَڄَڻَ سان نَہ ڀيٽَ، ڳُجُهہ ڳَرھِيان ڪَنِ سين،
ڳالِهيُون اَندَرِ پيٽَ، سَلا موري سُڪِيُون.
[ سُر رِپ، اندر، سٻر ۽ نھائين، 16 ]

ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، ڳالِهہ مِڙِيائِي ڳُجُهہ،
ھِينئَڙا اُجُهہ مَ ٻُجُهہ، تَہ پِرِيَنِئُون پِرِين ٿِئين.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 27 ]