ڳالِهڙِي جي سنڌي معنيٰ
چوڻ. آکاڻي، ڪهاڻي، قصو، گفتگو، بيان، ذڪر، داستان، نقل، حڪايت. ڪهڻي، وائي، پچر وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Saying, story, telling, saga etc
ڳالِهڙِي جا بيتن ۾ حوالا
واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
صُوفِيءَ سَيرُ سَڀَنِ ۾، جِيئَن رڳُنِ ۾ ساھُ،
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
سا نَہ ڪَري ڳالِهڙِي، جِيئَن پَرِيون پَرُوڙي پَساھُ،
آھِسِ اِيءُ گُناھُ، جِيئَن ڪا ڪَري پَڌرِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 3 ]
اکَرَ ڇُتي ھيڪَڙي، ٻَھُون جٖي نَہ ٻُجَهنِ،
ڪوھُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 30 ]
ڪوھُ ڪِبو کي تَنِ، سَڄِي سُڻائي ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 30 ]
اَلُ اَلِيندي ڪيتِرو، ڪاتِبَ ٿا لِکَنِ،
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
سَنِهِي ٿُلِهي ڳالِهڙِي، جوڙِئو جَمَعُ ڪَنِ،
تُون پاڙوسِي تَنِ، جَنِ حَرَفُ نَہ وِسِري ھِڪِڙو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 37 ]
راتِ سَھائِي ڀُون سَنئِين، ڀائِي گُهرِجي ڀَلُ،
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
آھُرَ جِيُون ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرئَو چَلُ،
مُون توھِي سين ڳالِهڙِي، ٻِئي ڪَنھِين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪَندو ھَلُ، تَہ کِجايُون کَرَنِ کي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 1 ]
سامُونڊِي ساري، مَٿي تَڙَ گُذارِيان،
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
مُون کي ٿِي ماري، تَنِي سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 19 ]
سو ساھَڙُ سا سُهڻِي، سائِرُ پُڻ سوئِي،
آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 45 ]
آھي نِجو ئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَرِ ڳالِهڙِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 45 ]
اَکِيُون پيرَ ڪَري وَڃِجي پَرَ وَڃِجي،
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
سُپيرِيان جِي ڳالِهڙِي، ڪَنھِن سان ڪِينَ ڪِجي،
لِڪائَي لوڪَ کان، ڳوٺان ڳُجَهڙِي نِجي،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جو، سُورَ نَہ ڪَنھِن سَلِجي.
[ سُر سھڻي، وايون، 12 ]
آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

وارو مُون وَڻاھُ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِئو،
اِيءَ اِھائِي ڳالِهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاھُ،
چوٽِيين چاڙھيجاھُ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِئي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 8 ]
اِيءَ اِھائِي ڳالِهڙِي، شَجَرَ سُڻيجاھُ،
چوٽِيين چاڙھيجاھُ، تَہ مُوڙھِيءَ ڪو مُنھُن ٿِئي.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 8 ]
English Meaning
Saying, story, telling, saga etc