ڪَنِ جي سنڌي معنيٰ
عمل ۾ آڻين، رڌل رھن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Doing
ڪَنِ جا بيتن ۾ حوالا
چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ،
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 4 ]
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 4 ]
وَڏا وَڻَ وَڻِڪارَ جا، جِتِ چَتُون ۽ چِيھا،
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
مَنزَلَ دُورِ مَنُ تَنھا، ڪَنِ ٻولِيُون ٻاٻِيھا،
ساٿِي سَنِيھا، ويلو ڪَنِ نَہ وِچَ ۾.
[ سُر آبڙي، واقف وڻڪار، وڏا وڻ، 14 ]
جَڙَ گهوڙا ڀَڙَ گهوٽِيا، تَڙَ جُون تَڪُون ڪَنِ،
نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ،
ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ جو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 9 ]
نَوَ ڄَڻِيُون ناتَرِيُون، پانوڙِيُون پُڇَنِ،
ھي گهَرَ سَندائِي ڪَنِ، ڇا نالو گامَ جو.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 9 ]
نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي،
باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ،
ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
چوري رَکِئو چِتَ ۾، اَلِفُ آديسِيَنِ،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، جيرا جوشَ جَلَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 18 ]
باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ،
ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
چوري رَکِئو چِتَ ۾، اَلِفُ آديسِيَنِ،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، جيرا جوشَ جَلَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 18 ]
سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ،
نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فاِنَ النَومَ عَلَ الُمحِبِ حَرامُ ، ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 12 ]

کِلِي جان کِيڪارِيان، تان ساٽِي سَڱُ نَہ ڪَنِ،
وارِئو وَھِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀَاڳَنِ سامُھان.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 10 ]
وارِئو وَھِٽَ وَڃَنِ، ڪَنِ سَڀَاڳَنِ سامُھان.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 10 ]
جَي ڀانيَين پِرِينءَ مِڙانَ، سِکُ چوَران ڪِي ڏاتِ،
جاڳَڻُ جَشَنُ جَنِ کي، سِڪَڻُ سَڄَيائِي راتِ،
اُجهِي ٻُجِهي آيا، وائِي ڪَنِ نَہ واتِ،
سَلي سُورِيءَ چاڙِھِئا، بَيانُ ڪَنِ نَہ باتِ،
توڻي ڪُسَنِ ڪاتِ، تَہ ساڳِي سَلَنِ ڪِينَ ڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 23 ]

مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان.
ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ،
جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا نابُودُ،
اَکڙِيُون اَکَڙِيُنِ کي، سِڪِئو ڪَنِ سُجُودُ،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ.
[ سُر سريراڳ، وايون، 4 ]

سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ،
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ،
پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا سَٽِ ۾.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 26 ]
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
English Meaning
Doing