ڪَنَ جي سنڌي معنيٰ
ڪڻَي. ٻُڌڻ جو ڪم ڏيندڙ عضوي، آواز ٻڌڻ جي حواس، گوش، اُذن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Ear, ears, listening organ.
ڪَنَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ چِيرَ،
سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ،
تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،
جٖي فَنا ٿِئا فَقِيرَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 4 ]
سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ،
تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،
جٖي فَنا ٿِئا فَقِيرَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 4 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وَٽِيا ڪَنَ ڪَٽَ،
دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ،
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 6 ]
دُونھان جَنِ دُکائِيا، ھَلِي مَٿي ھَٽَ،
خاڪِ جَنِي جِي کَٽَ، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 6 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ وٽِيا ڪَنَ ڍارَ،
ھَلِئا ھِنگِلاچِ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ،
جٖي ڪِينَ قَبُولَڻَھارَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 7 ]
ھَلِئا ھِنگِلاچِ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ،
جٖي ڪِينَ قَبُولَڻَھارَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 7 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪا پَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ جٖي ڪَٽائِينِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ماڳَ نَہ مَٽائِينِ،
جٖي خُودِيءَ کي کائِينِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 5 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ماڳَ نَہ مَٽائِينِ،
جٖي خُودِيءَ کي کائِينِ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 5 ]
ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنوٽيا ڪَنَ چينَ،
پَهرَ نَہ پِنَنِ ڪاپَڙِي، سُڃَ ۾ ھَڻَنِ سينَ،
جي قِيمَتَ ڀانِئينِ ڪينَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 8 ]
پَهرَ نَہ پِنَنِ ڪاپَڙِي، سُڃَ ۾ ھَڻَنِ سينَ،
جي قِيمَتَ ڀانِئينِ ڪينَ، تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 8 ]
ھِي ڪَنَ گاڏُھان وِڪِڻِي، ڪَنَ ڪي ٻِئا ڳِنهيجِ،
تَنِي سين سُڻيجِ، پِريان سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 24 ]
تَنِي سين سُڻيجِ، پِريان سَندِي ڳالِهڙِي.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 24 ]
سِسِيءَ ڪَنَ سَڀَ ڪَنھِن، ھِنيَين نَہ جَنِي ڪَنِ،
ٻَہ واٽا لُوڻَ جا، ٽِيون واٽو اَنَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 32 ]
ٻَہ واٽا لُوڻَ جا، ٽِيون واٽو اَنَ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 32 ]
سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ،
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]
ٻِئون گهِڙَنِ ڏِينھَن، ھِن ڀِنيءَ اوڏاھِين ڀَرُ،
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مُندَ ڪَنَ اُڊَڪو نَہ ڪَري، جي ڪيرائي ڪَپَرُ،
جَسَنُ ڀانئي جَرُ، وِيندي مُنڌَ ميھارَ ڏي.
[ سُر سھڻي، سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري، 22 ]
مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ ھيڪَڙي،
جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان،
بادَلُ ٿِي بِيھان، جي تُون آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 13 ]
جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان،
بادَلُ ٿِي بِيھان، جي تُون آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 13 ]
English Meaning
Ear, ears, listening organ.
ڪَنَ ٻول جا زمرا