ڪامِلَ جي سنڌي معنيٰ
پورو، سالم، سارو، مڪمل، ڪُل، مڙيو ئي، سَمورو، جملي. گناهن يا پاپن کان آزاد، پاڪ، بي عيبُ. برگزيدہ، پارسا، نيڪُ، ڀلارو، سڳورو، صَالح، وڏو ڪاريگر، استاد ڪاريگر، سِياڻو، ڏاهو، هوشيار، قابل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who is pure or free from sin, perfect.
ڪامِلَ جا بيتن ۾ حوالا
اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ،
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ،
سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 17 ]
پاوَنگُ اُڀو پِڙَ ۾، ھَڻي ھَزارِي ھولُ،
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ھِيري لالَ ياقُوتَ جو، ڪامِلَ سِرِ ڪَنگولُ،
رَتو رَتَ رَتولُ، مولِهِيو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 5 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ،
سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ،
ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ،
ماري مِصرِيُنِ سين، ڍُنڍَ ڪِئائُون ڍيرَ،
دَھلِئا اُتِ دِليرَ، پَسِي حَملو مِيرَ حُسينَ جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 6 ]

ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، اَھلِبَيتَ آيا،
ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 7 ]
ماري مِصرِيُنِ سين، اُنِ ڪافِرَ ڪَنبايا،
سَچُ ڪِ بِيبِيءَ ڄايا، اِھَڙا سُورِھَہ سُپِرِين.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 7 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 8 ]
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

گَڏِئو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾،
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ پَڇاڙِيين پوتِيا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 12 ]
اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪو،
اِيءُ ڪامِلَ ڪَمُ نَہ سَندوءِ، پَهَسَ پَڇاڙِيين پوتِيا.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 12 ]
سَڳَرَ مَجِهہ سُڻِينِ، اي يا اللہ،
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]
سَڏَ مُنھِنجا سُپِرِين،
ڪا جَا اُرڪَ اوٺِيين، ڪَرَھَلَ ڪوڏِ ڪَشِينِ،
ڪامِلَ ڪَچِيءَ تَندُ جِيئَن، ڳالهائِينِ ۽ ڳَنڍِينِ.
[ سُر ديسي، وايون، 9 ]
توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان،
زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽيِنِ،
ٻانِهي ٻاروچا پانھِنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳَرِي، سُرِڪِي مانَ سَڃِينِ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 4 ]