کاري جي سنڌي معنيٰ
سمونڊ پاسي، بحر طرف.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To sea or ocean.
کاري جا بيتن ۾ حوالا
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
کاري کيڙائُو، بِرھَ بُوبُ بَناءِ،
قُلْ هُوَ الرَّحْمَٰنُ آمَنَّا بِهِ ، ساڄا سِڙَه سباءِ،
پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَ اولِيُون، لاڄُو سَڀَ لَڳاءِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، کُوھا خُوبُ کَڻاءِ،
تَہ سامُونڊِي سَندِياءِ، سَچِي ساکَ اُبَھي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 24 ]

کاري کيڙائُو مِٺي مُورِ نَہ موٽِئا،
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
سودو ڪَنِ نَہ سونَ جو، وَڏا وِھائُو،
موتِي جي مَھِراڻَ جا، تَنِ جا طاماعُو،
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لُوٽي آيا.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 26 ]
لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لاءِ لَنڪا جٖي اُھَرِئا،
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
پَسِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نَہ سامُونڊِيَنِ،
پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ،
آئُون جَهلِيندِي ڪيتِرو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ،
وَڏي ڀاڳِ ڀِرَنِ، جٖي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 27 ]
جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيُون،
آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ،
کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 21 ]
آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ،
کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 21 ]
ويٺِي ڪِينَ وِساري، ديوانِي دِلبَرَ جانِي،
جَنھِن کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سا گهايَلِ گهَرِ نَہ گهاري،
ڏَمُ ڏُھِلو ڏُکِئو، سِرَ ۾ سونٽا ماري،
ٻيلي پارِ ٻُرِنِ جي، تَنِ کرَڪَنِ وِڌِيَسِ کاري،
ٻيلي ٻِنِهِي ڪَنڌِيين، مُحِبُ مينھِيُون ٿو چاري،
ھُوءِ ھُونگارُون پُون پُڪارُون، تَڙِ تَڙِ دوسِتُ تنواري،
ھُوءَ جا پِڪَ پِريمَ جِي، آھِيان تَنھِن آساري.
[ سُر سھڻي، وايون، 14 ]

نَہ وَڍِي نَہ وِڪڻي، نَہ کَڻي ۾ کاري،
اَھِنجَ سَهِنجَ ساھِمِيُون، ڌُرِيان ئِي نَہ ڌاري،
سا پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپَجي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 2 ]
اَھِنجَ سَهِنجَ ساھِمِيُون، ڌُرِيان ئِي نَہ ڌاري،
سا پَرِ پاري، جا گهَرِ سَمي جي سَپَجي.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 2 ]
ٿِئا ڏِيارِيءَ ڏِينھَن، سامُونڊِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جي،
مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 7 ]
مُون سِرِ اُٺا جيڏِيُون، سَندا مَحَبتَ مِينھَن،
ڪِيَسِ نِماڻِي نِينھَن کاري کيڙائُنِ جي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 7 ]
وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
کيڙائُو کاري، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 22 ]
کيڙائُو کاري، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 22 ]
English Meaning
To sea or ocean.
کاري ٻول جا زمرا