ڏِسُ جي سنڌي معنيٰ
نھارِ، اک رک، چتاءِ، اکين سان پسُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Look, see, observe.
ڏِسُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوھُ ٿو ڪاغَذُ ڪورِيين، ويٺو وِڃائِين مَسُ،
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
ڏوري تِئان ڏِسُ، اَکَرُ جِئان، آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 19 ]
بَرَ وُٺا ٿَرَ، وُٺِي ڪَڇَ ڪِنارَ،
پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 8 ]
پوڃاڙِيءَ جو پَٽَنِ تي، ڏِسُ نايائِين نارَ،
سَٻاجهي سَتارَ، لاٿو ڏُڙِتُ ڏيھَ تان.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 8 ]
جان ڪِي رُٺاسُون، تَہ رُٺي سَرِي نَہ سُپِرِين،
اِجهي آياسُون، ڏِسُ نِرجائِي نِينھَن جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 19 ]
اِجهي آياسُون، ڏِسُ نِرجائِي نِينھَن جِي.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 19 ]
پَٽَ ڇَڏِيائُون پَٽَ ۾، ڏَندَ ڇَڏِيائُون ڏِسُ،
آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ،
ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 20 ]
آلائِشان اَڳي ٿِئا، موٽِي ھُونِ نَہ مِسُ،
ھِيءُ ڇَڏِيائُون ھِسُ، وَڃِي ڪالَ ڪُلُ ٿِئا.
[ سُر رامڪلي، بُک، طعام، گدا ۽ گبري، 20 ]
ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ،
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]
اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو ھُوَنھِين ھارَ جو،
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ،
دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 32 ]
سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ،
دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو ٿو ڀورا ڪَري.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 32 ]
English Meaning
Look, see, observe.