چورِ جي سنڌي معنيٰ
سورِ، ريڙه. پَري ڪر، ڌِڪِ، هَٽاءِ. گِھِلِ. چُر پُر ۾ آڻ، حَرڪت ۾ آڻ، تَحَرڪُ ڏي. ڇيڙِ. ڀَڙِڪاءِ، آهستي آهستي هلاءِ. وَڄاءِ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Move, stir, excite, rouse, raise, incite, stimulate, to commence.
چورِ جا بيتن ۾ حوالا
مَچُ مَنجِهين آھِ، ٻاھَرِ ٻاڦَ نَہ نِڪِري،
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
چورِ تَہ لَڳيئي چاھِ، کامَندَنِ کَٽِئو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 25 ]
جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ،
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ،
فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ ڏورِ،
ٻِئا دَرَ وَڃِي مَ ووڙِ، اَمُلُ اِئائين سَپَجي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 8 ]
ڍولو وِئَڙو ڏُورِ، آئُون ٿِي سِيءَ گُذارِيان،
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]
مادَرِ مُون مَ چورِ، نَہ تَہ پَڌَرِ پُوندِي پِريَڙِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 13 ]
رُسُ مَ رُسَڻُ گهورِئو، اُٺُ اوراھُون چورِ،
تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ،
اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 15 ]
تو ريءَ ڪاڪِ ڪَڙِيي ٿِي، ساڻُ سِرکَنڊَ سورِ،
اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَہ سوڍا سُکِياڻِي ٿِيان.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 15 ]
ڪِيرَتِ ھَڏِھِين گهورِ، ڪَرِ ڪِيرَتِ جي ڪا نَہ ڪا،
جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ،
ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ ڏورِ، لَنگِهي ٿِي لَڄَ مري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 22 ]
جَنھِن سين ريجهي راڄِئو، سا تُون تَندُ چورِ،
ڪارَڻِ ڏاڻَ مَ ڏورِ، لَنگِهي ٿِي لَڄَ مري.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 22 ]
مَ لَئُن ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيَين چاڪَ،
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گهَرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 12 ]
ڦَٽِيُون جي فِراقَ، سي گهَرِ گهارِيندِيُون ڪيتِرو.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 12 ]
مَ لَئُنِ ڪُونجِي ماٺِ ڪَرِ، چورِ مَ ھِنيَين سَلَ،
ڳوڙھا مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 13 ]
ڳوڙھا مَٿي ڳَلَ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.
[ سُر ڏھر، وڳرين ڪُونجون، 13 ]
English Meaning
Move, stir, excite, rouse, raise, incite, stimulate, to commence.